Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:24 - Hindu Sindhi Bible

24 سو جڏهن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ يسوع آهي، نڪي سندس چيلا آهن، تڏهن اهي پاڻ انهن ٻيڙين ۾ چڙهي ڪفرناحوم ڏانهن هن کي ڳولڻ ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 سو جڏهن ميڙاڪي ڏٺو تہ نڪو يسوع آهي ۽ نڪي سندس شاگرد، تڏهن هو پاڻ انهن مڇئن ۾ چڙهي يسوع کي ڳولڻ لاءِ ڪفرناحوم ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 سو جڏهن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ عيسيٰ آهي، نڪي سندس شاگرد آهن، تڏهن اهي پاڻ انهن ٻيڙين ۾ چڙهي ڪفرناحوم ڏانهن هن کي ڳولڻ ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 سو جڏھن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ عيسيٰ آھي ۽ نڪي سندس شاگرد آھن، تڏھن اھي پاڻ ٻيڙين ۾ چڙھي ڪفرناحوم ڏانھن ھن کي ڳولڻ ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:24
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيو.


۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو تہ چيائونس تہ ”هر ڪو اوهان کي ڳولي رهيو آهي.“


اهي ڍنڍ پار ڪري اچي گنيسرت جي علائقي ۾ پهتا جتي ٻيڙيءَ کي ٻڌي ڇڏيائون.


جڏهن يسوع موٽي آيو تڏهن ماڻهن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇو تہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي.


يسوع چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“


رات ٿي ويئي هئي پر يسوع انهن وٽ نہ آيو هو، سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ جي هُن ڀر ڪفرناحوم شهر ڏانهن روانا ٿيا.


ايتري ۾ تبرياس شهر کان ڪي ٻيڙيون انهيءَ جاءِ جي ويجھو ڪناري تي اچي لڳيون، جتي پرڀو يسوع جي شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي روٽي کارائي ويئي هئي.


يسوع وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين مون کي انهيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوهان چمتڪارن جو مطلب سمجھي ورتو آهي، پر انهيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوهان روٽيون کائي ڍءُ ڪيو آهي.


هي ڳالهيون هن ڪفرناحوم جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ سکيا ڏيندي ٻڌايون هيون.


جڏهن تہ يهودي اڳواڻ تهوار تي کيس ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”يسوع ڪٿي آهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ