Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:2 - Hindu Sindhi Bible

2 تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي چمتڪار ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو، ڇاڪاڻ تہ بيمارن تي جي معجزا ٿي ڪيائين، سي هنن پئي ڏٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي معجزا ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي شفا ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھليو، ڇالاءِ⁠جو ھنن اھي معجزا ڏٺا ھئا جيڪي ھن بيمارن تي ڪيا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع کي فريسين جي سازشن جي سڌ پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو


سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ وڃي هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.


جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.


جڏهن يسوع ٽڪر تان هيٺ لٿو تہ وڏو ميڙ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.


پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.


تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي ماڻهن کين ويندو ڏسي سڃاڻي ورتو. سو اهي سڀيئي پيرين پيادا شهرن مان نڪري پيا ۽ تڪڙا تڪڙا وڃي هنن کان بہ اڳي انهيءَ جاءِ تي پهتا.


تنهن تي فريسي ۽ سردار ڪاهن پئنچائت گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين هاڻي ڇا ڪريون؟ هي ماڻهو تہ گھڻا ئي چمتڪار پيو ڪري.


انهيءَ سبب ڪيترائي ماڻهو يسوع سان ملڻ لاءِ آيا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ اهو چمتڪار هن ئي ڪيو آهي.


جيتوڻيڪ يسوع ماڻهن جي اڳيان هيترا چمتڪار ڪيا هئا تہ بہ گھڻن ئي مٿس وشواس نہ آندو هو.


هي يسوع جو پهريون چمتڪار هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي مهانتا ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس چيلن مٿس وشواس آندو.


فصح جي تهوار جي موقعي تي جڏهن يسوع يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس چمتڪارَ ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس وشواس آندو.


چيلن جي روبرو يسوع ٻيا بہ ڪيترائي چمتڪار ڪيا، جيڪي هن شاستر ۾ لکيا نہ ويا آهن.


هڪ رات هو يسوع وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سوامي! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين ايشور جي طرفان گرو ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين ايشور ساڻس نہ هجي.“


يسوع جو اهو چمتڪار ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهي، جيڪو هن سنسار ۾ اچڻو آهي.“


ٻئي ڏينهن تي ماڻهن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو هو، تنهن ڏٺو تہ ڪالهہ اتي رڳو هڪڙي ٻيڙي بيٺي هئي ۽ کين اها بہ سڌ هئي تہ يسوع انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ چيلن سان گڏ نہ ويو هو پر اهي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا هئا.


يسوع وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين مون کي انهيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوهان چمتڪارن جو مطلب سمجھي ورتو آهي، پر انهيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوهان روٽيون کائي ڍءُ ڪيو آهي.


تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ايشور طرفان ڪهڙي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي وشواس آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ