Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:11 - Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ يسوع اهي روٽيون کڻي ايشور جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻهن ۾ ورهايائين. هن مڇي بہ ائين ئي ورهائي ۽ سڀني ماڻهن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن يسوع اُهي مانيون وٺي شڪر ڪري، جيڪي ويٺا هئا، تن کي ورهائي ڏنيون، ۽ انهيءَ طرح ڪُرڙين مان بہ جيترو گهُريائون، تيترو ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ عيسيٰ اهي مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻهن ۾ ورهايائين. هن مڇي بہ ائين ئي ورهائي ۽ سڀني ماڻهن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 عيسيٰ مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻھن ۾ ورھايائين. ھن مڇي بہ ائين ئي ورھائي ۽ سڀني ماڻھن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن ست ئي روٽيون ۽ مڇيون هٿن تي کڻي انهن ۾ ايشور کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو چيلن کي ڏيندو ويو ۽ چيلا خلق کي ڏيندا ويا.


پوءِ جڏهن هو انهن سان گڏ رسوئي کائڻ ويٺو تہ روٽي کڻي شڪر ڪيائين ۽ اها ڀڃي کين ڏنائين.


پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون هينئر ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“


پوءِ يسوع روٽي کڻي انهن کي ڏني ۽ کين مڇي بہ ڏنائين.


جڏهن اهي سڪيءَ تي پهتا تہ هنن ٽانڊن جي باهہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي روٽي بہ رکيل هئي.


ايتري ۾ تبرياس شهر کان ڪي ٻيڙيون انهيءَ جاءِ جي ويجھو ڪناري تي اچي لڳيون، جتي پرڀو يسوع جي شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي روٽي کارائي ويئي هئي.


”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج روٽيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“


اهو چئي هن روٽي کنئي ۽ سڀني جي اڳيان ايشور جو شڪر ڪري ان مان گرهہ ڀڃي کائڻ لڳو.


جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڏينهن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ هو پرڀو يسوع جي لاءِ ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ پرڀوءَ جي واسطي کائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ لاءِ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ پرڀوءَ جي واسطي نہ ٿو کائي ۽ هو بہ انهيءَ لاءِ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪري.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ ايشور جي مهما خاطر ڪريو.


هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ يسوع مسيح ۾ اوهان لاءِ ايشور جي اها ئي مرضي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ