Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:46 - Hindu Sindhi Bible

46 جيڪڏهن اوهين موسيٰ تي يقين ڪريو ها تہ مون تي بہ يقين ڪريو ها، ڇو تہ هن مون بابت لکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

46 ڇالاءِ تہ جي موسيٰ کي مڃو ها، تہ هوند مون کي بہ مڃو ها، ڪيئن جو هن منهنجي بابت لکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 جيڪڏهن اوهين موسيٰ تي يقين ڪريو ها تہ مون تي بہ يقين ڪريو ها، ڇو تہ هن مون بابت لکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

46 جيڪڏھن اوھين سچ⁠پچ موسيٰ تي ايمان آڻيو ھا تہ مون تي بہ ايمان آڻيو ھا، ڇالاءِ⁠جو ھن مون بابت لکيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:46
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع انهن کي موسيٰ جي شاستر کان وٺي ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سڀني سنتن جي لکتن تائين، پوِتر شاستر جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


فلپس نٿن‌ايل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنهن بابت موسيٰ پنهنجي شاستر ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن پڻ لکيو آهي، سو اسان کي ملي ويو آهي. اهو يوسف جو پٽ يسوع آهي، جيڪو ناصرت ڳوٺ جو آهي.“


هاڻ جڏهن اوهين هن جي لکتن تي ئي يقين نہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ منهنجي ڳالهين تي ڪيئن يقين ڪندا.“


پر اڄ تائين ايشور جي مدد مون ساڻ آهي، سو آءٌ پنهنجي ڳالهہ تي قائم آهيان ۽ هر غريب توڙي امير جي اڳيان هڪجهڙي شاهدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اهي ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻيا سنت اڳڪٿي ڪري ويا آهن تہ اهي ضرور ٿينديون.


جيئن تہ نيم جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو سو ئي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


جيئن تہ نيم جي وسيلي آءٌ پاپي قرار ڏنو ويو آهيان، سو نيم جي نسبت ۾ آءٌ مري ويو آهيان، تہ جيئن ايشور جي نسبت ۾ جيوت رهان.


اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ نيم تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون نيم شاستر ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي نيم تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو سوليءَ تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


مطلب تہ جيئن ٻار جو ڪو سنڀاليندڙ ٿيندو آهي، تيئن نيم مسيح جي اچڻ تائين اسان جو سنڀاليندڙ ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين وشواس آڻڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ