Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:41 - Hindu Sindhi Bible

41 مون کي ضرورت نہ آهي تہ ماڻهو منهنجو مان ڪن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 مون کي ماڻهن کان وڏائي ڪانہ گهرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 مون کي ضرورت نہ آهي تہ ماڻهو منهنجي عزت ڪن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ انسان منھنجي ساراھہ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:41
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي ايشور جي نظر ۾ چڱو ٿيڻ بدران ماڻهن اڳيان مان حاصل ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا.


جيتوڻيڪ مون کي انسان جي شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوهان کي مڪتي ملي.


تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ امر جيون مليوَ.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کان واقف آهيان تہ اوهان جي دلين ۾ ايشور لاءِ پريم نہ آهي.


اوهين جيڪي هڪٻئي کان مان ڪرائڻ گھرو ٿا، پر جيڪو مان هڪڙي ايشور جي طرفان ملي ٿو تنهن جي لاءِ ڪوشش ئي نہ ٿا ڪريو، سي ڪيئن مون کي قبول ڪري سگھو ٿا؟


پوءِ يسوع ڏٺو تہ ”هنن جو مطلب آهي تہ مون کي جھلي زوريءَ پنهنجو راجا بڻائين.“ تنهنڪري هو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانهن نڪري هليو ويو.


جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي مان ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جو مان ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي.


آءٌ خود پنهنجو مان نہ ٿو چاهيان، پر هڪڙو آهي جيڪو چاهي ٿو تہ منهنجو مان ٿئي ۽ اهو منهنجي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو.


يسوع وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مهما ڪريان تہ منهنجي مهما ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منهنجي مهما ڪري ٿو سو منهنجو پتا آهي، جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ ’اهو اسان جو ايشور آهي.‘


اسان ماڻهن کان پنهنجي ساراهہ ڪرائڻ بہ نہ گھري، نہ اوهان کان، نہ ڪنهن ٻئي کان، جيتوڻيڪ مسيح جا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت هئڻ جي حيثيت ۾ اسين اوهان تي هر طرح جو بار وجھي ٿي سگھياسين.


انهيءَ ڳالهہ لاءِ ئي ايشور اوهان کي سڏيو آهي. هائو، صبر سان تڪليفون سهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ تہ مسيح بہ اوهان جي خاطر تڪليفون سٺيون. ائين هو اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو آهي، تہ جيئن اوهين سندس نقشِ‌قدم تي هلندا رهو.


هائو، جڏهن يسوع کي ايشور پتا مان‌سمان ۽ مهانتا بخشي، تڏهن انهيءَ وڏي مهانتا واري ايشور وٽان اتي هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ