Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:37 - Hindu Sindhi Bible

37 بلڪ پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن پاڻ بہ مون بابت شاهدي ڏني آهي. پر اوهان نہ تہ ڪڏهن هن جو آواز ٻڌو آهي، نڪي سندس روپ ڏٺو اٿوَ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 ۽ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن ئي منهنجي بابت شاهدي ڏني آهي. اوهان نہ ڪڏهن هن جو آواز ٻُڌو آهي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 بلڪ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن پاڻ بہ مون بابت شاهدي ڏني آهي. پر اوهان نہ تہ ڪڏهن هن جو آواز ٻڌو آهي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 بلڪ پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن پاڻ بہ مون بابت شاھدي ڏني آھي. اوھان نہ تہ ڪڏھن ھن جو آواز ٻڌو آھي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:37
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


پوءِ آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“


تڏهن آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو پٽ آهين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آهيان.“


پوءِ يسوع انهن کي موسيٰ جي شاستر کان وٺي ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سڀني سنتن جي لکتن تائين، پوِتر شاستر جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


۽ پوِتر آتما ڪبوتر جي روپ ۾ مٿس اچي لٿي. تڏهن آڪاش مان آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو پٽ آهين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آهيان.“


ڪنهن بہ ماڻهوءَ ايشور کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي پٽ، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


يسوع چيس تہ ”اي فلپس! هيتري وقت کان وٺي آءٌ اوهان سان گڏ آهيان تہ بہ تون مون کي نہ ٿو ڄاڻين؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي تنهن پتا کي ڏٺو آهي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پتا ڏيکاريو‘؟


جيڪي ڪم ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، سي جيڪڏهن آءٌ انهن ۾ نہ ڪريان ها تہ پوءِ انهن کي پاپي قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي تہ انهن منهنجا ڪم ڏٺا آهن، تنهن هوندي بہ مون کان ۽ منهنجي پتا کان نفرت ڪن ٿا.


پر هڪڙو ٻيو آهي جيڪو مون بابت شاهدي ٿو ڏئي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاهدي هو مون بابت ڏئي ٿو سا سچي آهي.


ناس ٿيندڙ کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان امر جيون ٿو ملي. اهو کاڌو منش‌پتر اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پتا يعني ايشور هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“


سو هڪڙو تہ آءٌ آهيان جو پاڻ پنهنجي شاهدي ٿو ڏيان ۽ ٻيو پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون بابت شاهدي ٿو ڏئي.“


هاڻي شل امر راجا يعني ابناسي، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ هڪڙي ئي ايشور جو مان‌سمان ۽ مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


رڳو اهو ئي ابناسي آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ ايشور جو مان‌سمان ٿيندو رهي ۽ سندس شڪتي هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


ايشور کي ڪنهن بہ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي. پر جيڪڏهن اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ ”آءٌ ايشور سان پيار ٿو ڪريان،“ پر هو پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان نفرت ٿو ڪري تہ هو ڪوڙو آهي. انهيءَ ڪري جو جن کي هو ڏسي ٿو تن سان پيار نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو ايشور سان پيار ڪيئن ڪري سگھندو جنهن کي هو ڏسي ئي ڪونہ ٿو.


جيئن تہ اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ڪريون ٿا، تہ پوءِ ايشور جي شاهدي تہ انهيءَ کان گھڻو وڌيڪ آهي ۽ ايشور جي اها اهم شاهدي سندس پٽ جي حق ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ