Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:28 - Hindu Sindhi Bible

28 انهيءَ ڳالهہ تي حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن قبرن وارا سڀيئي سندس آواز ٻڌندا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 انهيءَ ڳالهہ تي عجب نہ کائو، ڇالاءِ تہ اُها گهڙي اچي ٿي، جڏهن سڀ جيڪي قبرن ۾ آهن، سي هن جو آواز ٻُڌندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 انهيءَ ڳالهہ تي حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن قبرن وارا سڀيئي سندس آواز ٻڌندا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 انھيءَ ڳالھہ تي حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي جڏھن سڀيئي قبرن وارا سندس آواز ٻڌندا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:28
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون انهيءَ ڪري عجب نہ کاءُ جو مون تو کي چيو تہ اوهان سڀني کي نئين سر پيدا ٿيڻ گھرجي.


يسوع چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن اوهين پتا جي ڀڳتي نہ هن جبل تي، نڪي يروشلم ۾ ڪندا.


پر اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ هاڻي اچي پهتي آهي، جڏهن سچا ڀڳتي ڪندڙ پوِتر آتما ۽ سچ جي پيروي ڪندي پتا جي ڀڳتي ڪندا. هائو، پتا بہ چاهي ٿو تہ اهڙا ڀڳتي ڪندڙ هجن.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پتا پٽ سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اهي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي هو پاڻ ڪري ٿو. هو انهن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو جو اوهين سڀيئي حيران ٿي ويندا.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو ايشور جي پٽ جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيوت ٿيندا.


مون کي ايشور ۾ اهڙي ئي اميد آهي جيڪا خود انهن کي بہ آهي تہ ايشور سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيوت ڪري اٿاريندو.


پطرس اهو حال ڏسي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانهن ائين ڇو ٿا نهاريو جو ڄڻ اسان هن کي پنهنجي شڪتيءَ ۽ ڌرمچاريءَ سان گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني آهي؟


هائو، جيئن آدم جا هئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا آهن سي سڀ جيوت ڪيا ويندا.


هو پنهنجي انهيءَ شڪتيءَ سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس شرير کي بدلائي پنهنجي مهانتا واري شرير جي روپ جهڙو ڪندو.


مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. پوءِ هڪ شاستر، يعني جيون شاستر کوليو ويو. اُن سان گڏ ٻيا شاستر بہ کوليا ويا ۽ جهڙيءَ طرح انهن شاسترن ۾ لکيل هو، تهڙيءَ طرح مئلن جي عملن موجب سندن فيصلو ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ