Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:24 - Hindu Sindhi Bible

24 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي انهيءَ تي وشواس رکي ٿو، تنهن جو جيون امر آهي ۽ هو پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، بلڪ هو موت مان نڪري جيون ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو منهنجو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي مڃي ٿو، تنهن جي ئي هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اُهو عدالت ۾ نٿو اچي، پر موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي انهيءَ تي ايمان رکي ٿو، تنهن جي زندگي دائمي آهي ۽ هو گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو، بلڪ هو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منھنجو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ مٿس سزا لاڳو نہ ٿيندي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:24
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع وڌيڪ چيو تہ ”سو اهڙن ماڻهن کي هميشہ واري سزا ملندي، جڏهن تہ نيڪن کي امر جيون.“


جيڪو بہ انهيءَ تي وشواس آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو مڪتي حاصل ڪندو، پر جيڪو وشواس نہ آڻيندو سو ڏوهي قرار ڏنو ويندو.


۽ جيڪو بہ جيوت آهي ۽ مون تي وشواس ٿو رکي سو ڪڏهن بہ نہ مرندو. ڇا تنهنجو هن ڳالهہ تي وشواس آهي؟“


پوءِ يسوع وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو سو نہ رڳو مون تي، بلڪ انهيءَ تي بہ وشواس رکي ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو تہ يسوع ئي مسيح ۽ ايشور جو پٽ آهي ۽ مٿس وشواس آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ جيون ملي.


ڏسو، ايشور سنسار سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس امر جيون ملي.


جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، پر جيڪو وشواس نہ ٿو آڻي تنهن لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو اڳي ئي جاري ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جي اڪيلي پٽ تي وشواس نہ آندو.


جيڪو بہ پٽ تي وشواس آڻي ٿو، تنهن کي امر جيون مليل آهي. پر جيڪو پٽ کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اهو جيون ڪڏهن بہ نہ ملندو، اٽلندو ايشور جو ڏمر مٿس رهي ٿو.


ايستائين جو جيڪو لابارو ڪري ٿو تنهن کي مزدوري ملندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي امر جيون لاءِ فصل گڏ ڪندو ٿو وڃي، تہ جيئن پوکيندڙ ۽ لڻندڙ ٻئي گڏجي خوشي ملهائين.


هائو، منهنجي پتا جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس پٽ کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس وشواس ٿو آڻي، تنهن کي امر جيون ملي. سو آءٌ کيس انتم ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريندس.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ مون تي وشواس آڻي ٿو تنهن جو ئي جيون امر آهي.


پر جيڪا حقيقي روٽي آڪاش مان پرگھٽ ٿئي ٿي، سا اهڙي آهي جنهن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو.


آءٌ اها جيوت روٽي آهيان جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن روٽيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ جيوت رهندو. جيڪا روٽي آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن سنسار کي جيون ملي.“


هيءَ اها حقيقي روٽي آهي جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي. هيءَ روٽي اهڙي نہ آهي جهڙي اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا. پر جيڪو هيءَ روٽي کائيندو سو هميشہ جيوت رهندو.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.“


پر هاڻ جيڪي يسوع مسيح ۾ آهن، سي پاپي هئڻ جي فيصلي کان آزاد آهن.


ڇاڪاڻ تہ ايشور اسان کي ڏمر سهڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ اسين پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي مڪتي حاصل ڪريون.


مسيح جي ئي وسيلي اوهين ايشور تي وشواس رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيوت ڪري مهانتا بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو وشواس ۽ آسرو ايشور تي ئي هجي.


اوهين ايشور جي شڪتيءَ سان وشواس جي وسيلي سنڀال هيٺ آهيو، ايستائين جو اها مڪمل مڪتي حاصل ڪريو جيڪا انتم ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري جيون ۾ آيا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين پنهنجن هم‌وشواسين سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آهي.


جنهن جو اهو وشواس آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو ايشور جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن سنسار ۾ جيڪو ڪنهن پتا سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ