Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:15 - Hindu Sindhi Bible

15 پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ وڃي يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اهو ماڻهو يسوع آهي، جنهن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 پوءِ انهي ماڻهوءَ وڃي يهودين کي ٻُڌايو تہ اُهو يسوع آهي، جنهن مون کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ وڃي يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اهو ماڻهو عيسيٰ آهي، جنهن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ وڃي يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اھو ماڻھو عيسيٰ آھي، جنھن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.


يوحنا جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يوحنا ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“


”هلو ۽ هڪ شخص تہ ڏسو، جنهن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آهي. ڇا اهو مسيح تہ نہ آهي؟“


تنهنڪري جيڪو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آهي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آهي.“


تڏهن انهن کانئس پڇيو تہ ”اهو ماڻهو ڪير آهي، جنهن تو کي چيو تہ ’پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر‘؟“


انهيءَ سبب اهي اڳواڻ يسوع کي ستائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن تي اهڙا ڪم ٿي ڪيا.


هن ڳالهہ جي ڪري يهودي اڳواڻ هيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو، بلڪ ايشور کي پنهنجو پتا سڏي پاڻ کي ايشور جي برابر ٿي ڪيائين.


تڏهن فريسين بہ انهيءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ هن انهن کي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ آلي مٽي منهنجي اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منهن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“


انهيءَ ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”مون کي سڌ نہ آهي تہ هو پاپي آهي يا نہ. آءٌ رڳو اهو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو هئس ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو.“


تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”واہ! اها تہ عجيب ڳالهہ آهي. جيتوڻيڪ هن مون کي ديد ڏني آهي، تڏهن بہ اوهان کي سڌ نہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان آيو آهي.


تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي پاپن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ