Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:41 - Hindu Sindhi Bible

41 سندس ڳالهين جي ڪري ٻين بہ گھڻن ئي مٿس وشواس آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 ۽ سندس ڪلام جي ڪري ٻين بہ گهڻن ايمان آندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 سندس ڳالهين جي ڪري ٻين بہ گھڻن ئي مٿس ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 ٻين بہ ڪيترن ئي سندس ڪلام جي ڪري مٿس ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:41
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀيئي ماڻهو هن جي سکيا تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن اختيار سان پئي ڳالهايو.


سو اهي سامري يسوع وٽ آيا ۽ کيس وينتي ڪيائون تہ ”اسان وٽ هلي مهمان ٿيو.“ تڏهن يسوع ٻہ ڏينهن اتي رهيو.


پوءِ اهي ان ناريءَ کي چوڻ لڳا تہ ”هاڻي اسين رڳو تنهنجي چوڻ تي مٿس وشواس نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آهي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ هيءُ ئي سنسار جو مڪتي ڏيندڙ آهي.“


جيون ڏيڻ واري تہ آتما آهي، شرير ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي آتما آهن ۽ جيون بہ.


پهريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو آهي، جهڙيءَ طرح هي شخص ٿو ڳالهائي.“


پر جڏهن پوِتر آتما اوهان تي پرگھٽ ٿيندي، تڏهن اوهان کي شڪتي ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄي سنسار ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


تنهن تي انطاڪيا جي منڊليءَ وارن هنن کي روانو ڪيو. هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن يسوع مسيح تي وشواس آندو آهي. اهو ٻڌي اتان جي وشواسين کي ڏاڍي خوشي ٿي.


پر جڏهن فلپس ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ ۽ يسوع مسيح جي نالي جو پرچار ڪيو تہ انهن مردن ۽ نارين وشواس آندو ۽ بپتسما ورتائون.


مسيح بابت ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ پنهنجي شاهدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي هنن سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو.


ڪابہ رچيل شيءِ ايشور کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ