Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:3 - Hindu Sindhi Bible

3 انهيءَ ڳالهہ جي ڪري يسوع يهوديہ کي ڇڏي موٽي گليل علائقي ڏانهن روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تڏهن هو يهوديہ مان نڪري وري گليل ڏانهن روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ ڳالهہ جي ڪري عيسيٰ يهوديہ کي ڇڏي موٽي گليل علائقي ڏانهن روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 جڏھن عيسيٰ کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پئي تڏھن يھوديہ کي ڇڏي، موٽي گليل ڏانھن ھليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ماڻهو اوهان کي ڪنهن شهر ۾ ستائين تہ اوهين هڪدم ٻئي شهر ڏانهن هليا وڃجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين اسرائيل جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنهنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ منش‌پتر اچي پهچندو.


يسوع پنهنجي چيلن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آس‌پاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ يسوع عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.


يروشلم ڏانهن ويندي يسوع گليل ۽ سامريہ جي سرحدي علائقن وچان لنگھيو پئي ويو.


ٻئي ڏينهن تي يسوع گليل علائقي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي پهچي هو فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منهنجي پٺيان هل.“


يسوع موٽي وري اردن درياءَ جي هُن ڀر انهيءَ جاءِ تي ويو، جتي اڳي يوحنا بپتسما ڏيندو هو. هو اتي رهي پيو.


تنهنڪري يسوع انهيءَ ڏينهن کان پوءِ يهوديہ ۾ کُليو کُلايو گھمڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ هو اتان رڻ‌پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانهن هليو ويو ۽ افرائيم نالي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي چيلن سان گڏ رهڻ لڳو.


هي يسوع جو پهريون چمتڪار هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي مهانتا ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس چيلن مٿس وشواس آندو.


ان کان پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سميت يهوديہ جي ٻئي علائقي ۾ آيو، جتي هو ساڻن گڏ رهيو ۽ ماڻهن کي بپتسما ڏيڻ لڳو.


هن پاڻ جيڪي ڪجھہ اتي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، تنهن جي ئي شاهدي ڏئي ٿو، پر سندس شاهدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري.


هن جڏهن ٻڌو تہ يسوع يهوديہ کان گليل ۾ آيو آهي، تڏهن هو يسوع وٽ آيو ۽ وينتي ڪيائينس تہ ”مهرباني ڪري هلي منهنجي پٽ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو مرڻ تي آهي.“


ان کان پوءِ يسوع گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ