Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 4:22 - Hindu Sindhi Bible

22 اوهين سامري انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو ٿا جنهن کي اوهين نہ ٿا ڄاڻو. جڏهن تہ اسين يهودي انهيءَ جي ڀڳتي ڪريون ٿا جنهن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ تہ يهودين منجھان ئي مڪتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 اوهين جنهن کي نٿا سڃاڻو، تنهن جي عبادت ٿا ڪريو، پر اسين جنهن کي ڄاڻون ٿا، تنهن جي عبادت ٿا ڪريون: ڇالاءِ تہ نجات يهودين منجهان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اوهين سامري انهيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنهن کي اوهين نہ ٿا ڄاڻو. جڏهن تہ اسين يهودي انهيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنهن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ تہ يهودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 اوھين سامري انھيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنھن کي اوھين نہ ٿا سڃاڻو. اسين يھودي انھيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنھن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇالاءِ⁠جو يھودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 4:22
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان پاپن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جو پرچار ڪيو ويندو.


جيڪو مون گھمندي گھمندي اوهان جي ڀڳتيءَ وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آهي. مون ٻليدان واري هڪڙي جاءِ ڏٺي جنهن تي لکيل هو تہ ’اڻڄاتل ديوتا جي لاءِ.‘ سو اوهين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنهن جي ڀڳتي ٿا ڪريو، تنهن جي ئي آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان.


ايشور جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن،


انهيءَ ڪري ايشور پنهنجي داس يسوع کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها آسيس بخشي جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“


تہ پوءِ اوهين انهن ڀڳل ٽارين کي خسيس سمجھي پاڻ تي فخر نہ ڪجو. ياد رکو، اوهين رڳو ٽاريون آهيو ۽ پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو، بلڪ پاڙ اوهان جي پرورش ڪري ٿي.


هائو، هو يهوداہ قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪاهن ٿيڻ جي باري ۾ موسيٰ ڪجھہ بہ ڪونہ چيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ