Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:12 - Hindu Sindhi Bible

12 آءٌ اوهان کي هن سنسار جون ڳالهيون ٿو ٻڌايان، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. پوءِ اوهين ڪيئن يقين ڪندا جڏهن آءٌ اوهان کي آڪاش جون ڳالهيون ٻڌائيندس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 جيڪڏهن مون اوهان کي زمين جون ڳالهيون ٻُڌايون آهن ۽ اوهين ايمان نٿا آڻيو، تہ جي آسمان جون ڳالهيون ٻُڌائيندوسانوَ تہ ڪيئن ايمان آڻيندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 آءٌ اوهان کي هن دنيا جون ڳالهيون ٿو ٻڌايان، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. پوءِ اوهين ڪيئن يقين ڪندا جڏهن آءٌ اوهان کي آسمان جون ڳالهيون ٻڌائيندس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 آءٌ اوھان کي ھن دنيا جون ڳالھيون ٿو ٻڌايان، پر اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو. پوءِ اوھين ڪيئن ايمان آڻيندا جڏھن آءٌ اوھان کي آسمان جون ڳالھيون ٻڌائيندس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالهايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آهي، تنهن جي شاهدي ڏيون ٿا. پر اوهان مان ڪوبہ اهڙو نہ آهي جيڪو اسان جي شاهدي قبول ڪري.


تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين ايشور جو راڄ ڏسي نہ سگھندو.“


تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۽ پوِتر آتما مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اهو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.


جهڙيءَ طرح هوا کي جيڏانهن وڻي ٿو تيڏانهن گھُلي ٿي ۽ سندس آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر سڌ نہ ٿي پوي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح جيڪو پوِتر آتما مان پيدا ٿيو آهي سو بہ ائين ئي آهي.“


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


انهيءَ باري ۾ اسان کي اڃا گھڻو ڪجھہ چوڻو آهي، پر اوهان کي سمجھائڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين ٻڌڻ جا ڍلا ٿي پيا آهيو.


پيار اهو نہ آهي تہ اسين ايشور سان پيار ڪريون ٿا، پر هي آهي تہ ايشور اسان سان پيار ڪندي پنهنجي پٽ کي اسان جي پاپن جو ڪفارو ڏيڻ واري ٻليدان طور موڪليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ