Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 3:10 - Hindu Sindhi Bible

10 يسوع وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو گرو آهين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 يسوع جواب ڏيئي چيس تہ تون اسرائيل جو اُستاد آهين ۽ پوءِ بہ اهي ڳالهيون نٿو سمجهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو استاد آهين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو استاد آھين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 3:10
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت يسوع ايشور کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ اوهين پوِتر شاستر ٿا ڄاڻو، نڪي ايشور جي شڪتي.


ٽئين ڏينهن تي هنن يسوع کي هيڪل ۾ لڌو، جتي هو يهودي شاسترين سان ويٺو هو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين.


هڪڙي ڏينهن يسوع ڪنهن گھر ۾ سکيا ڏيئي رهيو هو ۽ ڪي فريسي ۽ نيم شاستري بہ اتي ويٺا هئا، جيڪي يروشلم شهر سميت يهوديہ ۽ گليل علائقن جي هر ڳوٺ ۽ شهر کان آيا هئا. جيئن تہ بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ پرميشور جي شڪتي يسوع سان گڏ هوندي هئي،


تنهن تي نيڪديمس پڇيس تہ ”اهو ڪيئن ٿي سگھندو؟“


پر انهن مان گملي‌ايل نالي هڪڙو فريسي، جيڪو نيم شاستري ۽ سڀني ماڻهن ۾ مانوارو هو، سو پئنچائت جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ سنتن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين.


اهو ماڻهو حقيقي يهودي نہ آهي، جيڪو رڳو نالي جو يهودي هجي ۽ نہ ئي اهو ختنو حقيقي آهي، جيڪو رڳو ظاهري ۽ شرير جو ختنو هجي.


ياد رکو تہ حقيقي ختنو ڪرايل اسين آهيون، جيڪي ايشور جي پوِتر آتما جي مرضيءَ سان جيون گذاريون ٿا، يسوع مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ شرير وارين ڳالهين تي وشواس نہ ٿا رکون.


مسيح ۾ اوهان جو اهڙو ختنو ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ شريري فطرت کي لاٿو وڃي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ