Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 21:7 - Hindu Sindhi Bible

7 پوءِ انهيءَ چيلي جنهن سان يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ پرڀو آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو پرڀو آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پوءِ اُهو شاگرد، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو، تہ خداوند اٿيئي. جڏهن شمعون پطرس ٻُڌو تہ خداوند آهي، تڏهن ڪپڙو چيلهہ سان ٻَڌائين (ڇالاءِ تہ اُگهاڙو هو،) ۽ پوءِ سمنڊ ۾ ٽپي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ انهيءَ شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ خداوند آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو خداوند آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پوءِ انھيءَ شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، تنھن پطرس کي چيو تہ ”اڙي، خداوند اٿيئي.“ جڏھن شمعون پطرس ٻڌو تہ ”اھو خداوند آھي.“ تڏھن جيئن تہ ھو پٺيءَ اگھاڙو ھو، سو قميص چيلھہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ ھڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 21:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪوبہ اوهان کان پڇي تہ ’اهو ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تڏهن کيس چئجو تہ ’گروءَ کي انهيءَ جي ضرورت آهي ۽ جلد ئي هو واپس ڏياري موڪليندو.‘“


”پنهنجا سندرا ٻڌل ۽ پنهنجا ڏيئا ٻريل رکو.


ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو مڪتي ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ پرڀو آهي.


انهيءَ ڪري آءٌ تو کي چوان ٿو تہ هن جا پاپ، جيڪي گھڻا هئا معاف ڪيا ويا آهن، تنهنڪري هن گھڻو پيار ڪيو آهي. پر جنهن جا پاپ ٿورا هئا جيڪي معاف ڪيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“


چيلن مان هڪڙو جنهن سان يسوع جو پيار هو، سو يسوع جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو.


جڏهن يسوع پنهنجي ماتا ۽ انهيءَ چيلي کي جنهن سان سندس پيار هو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ هن پنهنجي ماتا کي چيو تہ ”ماتا! هي تنهنجو پٽ آهي.“


سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي چيلي وٽ آئي، جنهن سان يسوع جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي پرڀوءَ کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ سڌ نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“


ائين چوڻ کان پوءِ هن چيلن کي پنهنجا هٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنهن تي يسوع کي سڃاڻيندي ئي چيلا خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا.


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا پرڀو! اي منهنجا ايشور!“


پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو چيلو جنهن سان يسوع جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ چيلي رات جي رسوئي کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ”اي پرڀو! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“


هي اهو ئي چيلو آهي جيڪو انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي ۽ اهي ڳالهيون لکيون بہ اٿس ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ سندس شاهدي سچي آهي.


پر ٻيا چيلا ٻيڙيءَ ۾ ئي مڇين سان ڀريل ڄار ڇڪيندا آيا، ڇاڪاڻ تہ اهي سڪيءَ کان ايترو پري ڪين هئا، اٽڪل هڪ سؤ ميٽر پري هئا.


ايشور جي خوشخبريءَ جو سنديش جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ يسوع مسيح جيڪو سڀني جو پرڀو آهي، تنهن جي وسيلي ايشور سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي.


سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو يسوع، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيو، ايشور تنهن کي پرڀو بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“


پهريون انسان ڌرتيءَ جو هو ۽ مٽيءَ مان ٺهيل هو، جڏهن تہ ٻيو انسان آڪاش مان آيو.


ٻنهي حالتن ۾ مسيح جو اسان سان پريم اسان کي مجبور ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اسين هن نتيجي تي پهتا آهيون تہ جڏهن هڪ شخص سڀني جي لاءِ مري ويو، تڏهن ان جو مطلب آهي تہ اسين سڀ مري ويا آهيون.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي مهان تيج واري پرڀو يسوع مسيح تي وشواس رکڻ وارا ٿي ڪري اوهين ٻِہ‌اکيائي نہ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ