Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 21:17 - Hindu Sindhi Bible

17 وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! اوهان کي سڀني ڳالهين جي سڌ آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ يسوع چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 وري ٽيون گهُمرو چيائينس تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي چاهين ٿو؟ پطرس کي رنج ٿيو جو هن ٽيون گهُمرو چيس تہ تون مون کي چاهين ٿو؟ هن چيس تہ اي خداوند، توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. يسوع چيس تہ منهنجين رڍن کي چارج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 وري ٽيون دفعو ھن چيس تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنھن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ھن ٽيون دفعو کيس چيو ھو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو.“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! تو کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منھنجين رڍن کي وڃي چار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 21:17
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

راجا جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


انهيءَ دم ڪڪڙ ٻيو دفعو ٻانگ ڏني. تڏهن پطرس کي يسوع جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ اهو خيال ايندي ئي هو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو.


غريب تہ هميشہ اوهان وٽ آهن، پر آءٌ هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.“


يسوع وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ پچ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“


”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.


جيڪڏهن اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوهين منهنجي پيار ۾ رهندا، جهڙيءَ طرح مون پنهنجي پتا جي حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ سندس پيار ۾ رهان ٿو.


هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين وشواس آڻيون ٿا تہ اوهين ايشور وٽان آيا آهيو.“


پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.


يسوع پوريءَ طرح ڄاتو پئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آهي، سو هو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“


آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون نوجوان هئين تہ پنهنجو سندرو پاڻ ٻڌندو هئين ۽ جيڏانهن تو کي وڻندو هو اوڏانهن گھمندو ڦرندو هئين. پر جڏهن تون پوڙهو ٿيندين تڏهن پنهنجا هٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلهہ سان سندرو ٻڌي اوڏانهن وٺي ويندو جيڏانهن وڃڻ لاءِ تنهنجي دل نہ چوندي.“


تڏهن يسوع چيس تہ ”وڃ ۽ پنهنجي پتيءَ کي وٺي اچ.“


پوءِ انهن پرارٿنا ڪئي تہ ”اي پرڀو! تون سڀني ماڻهن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو هنن ٻن مان ڪنهن کي چونڊيو آهي تہ


ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اهي سڀيئي شيون آڪاش ڏانهن کڄي ويون.


ايشور جيڪو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن اسان وانگر غير قومن تي بہ پوِتر آتما پرگھٽ ڪرڻ سان سندن وشواس آڻي قبول پوڻ جي شاهدي ڏني آهي.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ ايشور کان مليل پوِترتائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان جيون گذاريو آهي. اهڙو ورتاءُ اسان سنسار ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين سنساري ڏاهپ موجب نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا موجب ڪيو آهي.


انهيءَ سان گڏ ايشور جي پوِتر آتما کي رنج نہ ڪريو، جيڪا انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


انهيءَ ڳالهہ جي ڪري اوهين گھڻي خوشي ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ في‌الحال ٿوري وقت لاءِ اوهان کي طرح طرح جي آزمائشن سبب ڏک ڏسڻا ٿا پون.


اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن هي ٻيو خط لکي رهيو آهيان. ٻنهي خطن ۾ آءٌ اوهان کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندي اوهان جي ذهنن کي سچائيءَ واري سوچ لاءِ اُڀارڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو،


هائو، آءٌ انهيءَ ناريءَ جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي وشواسي منڊليون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي ڇينڀ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ