Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:29 - Hindu Sindhi Bible

29 يسوع چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري وشواس رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي وشواس ٿا رکن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 يسوع چيس تہ تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي: پر مبارڪ آهن اُهي، جن بنا ڏٺي ايمان آندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا رکن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آھي، تنھنڪري ايمان آندو اٿيئي. پر سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا آڻين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:29
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر سڀاڳا آهيو اوهين ڇاڪاڻ تہ اوهان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوهان جا ڪن ٻڌن ٿا.


تون ڪيڏي نہ سڀاڳي آهين، جو تو يقين ڪيو آهي تہ جيڪي ڳالهيون پرميشور جي طرفان تو کي ٻڌايون ويون آهن سي سچيون ثابت ٿينديون.“


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا پرڀو! اي منهنجا ايشور!“


تنهن کان پوءِ اهو ٻيو چيلو، جيڪو پطرس کان اڳي قبر تي پهتو هو، سو بہ قبر ۾ گھڙي ويو. هن سڀ ڪجھہ ڏٺو ۽ يقين ڪيائين،


تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”اوهين ماڻهو تيستائين وشواس نہ آڻيندا، جيستائين چمتڪار ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“


مطلب تہ اسين جيڪو جيون گذاري رهيا آهيون سو وشواس رکڻ جي وسيلي آهي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ.


وشواس مان مراد آهي انهن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي وڃي ٿي، هائو، انهن شين تي يقين، جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿيون اچن.


وشواس جي ڪري ئي راجا جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪندي موسيٰ مصر کي ڇڏي ڏنو. ائين هو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ايشور کي ڄڻ تہ ڏسي ڪري ثابت قدم رهيو.


جيتوڻيڪ انهن سڀني کي سندن وشواس جي ڪري ايشور جو راضپو حاصل ٿيو، تڏهن بہ کين اهو ڪجھہ نہ مليو جنهن جو ايشور وچن ڪيو هو.


جيتوڻيڪ اوهان يسوع کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس وشواس آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ مهانتا سان ڀرپور آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ