Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:25 - Hindu Sindhi Bible

25 اهو جڏهن آيو تہ ٻين چيلن ٻڌايس تہ ”اسان پرڀوءَ کي ڏٺو آهي.“ تنهن تي هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس هٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ هٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 تڏهن ٻيا شاگرد چوڻ لڳس تہ اسان خداوند کي ڏٺو آهي. پر هن چين تہ جيسين آئون سندس هٿن ۾ ڪلين جا نشان نہ ڏسان، ۽ ڪلين جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجهان، ۽ سندس پاسريءَ ۾ هٿ نہ وجهان، تيسين آئون اصل ڪين مڃيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 اهو جڏهن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آهي.“ تنهن تي هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس هٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ هٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 اھو جڏھن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آھي.“ تنھن تي ھن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس ھٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنھنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ ھٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:25
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا اهو آهي بني اسرائيل جو راجا؟ هاڻي سوليءَ تان لهي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي وشواس آڻيون.


جڏهن هنن ٻڌو تہ يسوع جيوت ٿي اٿيو آهي ۽ مريم پاڻ ان کي ڏٺو آهي، تڏهن بہ اهي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن.


تڏهن اهي اتان ئي يروشلم ڏانهن موٽي آيا ۽ اها ڳالهہ ٻين چيلن کي بہ اچي ٻڌايائون. پر انهن جي ڳالهہ تي بہ هنن اعتبار نہ ڪيو.


آخر ۾ يسوع يارهن چيلن کي ان وقت درشن ڏنو جڏهن هو گڏجي رسوئي کائي رهيا هئا. هن سندن وشواس جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيوت ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.


تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”اي مُورکؤ! اوهين سنديش ڏيندڙ سنتن جي سڀني ڳالهين کي مڃڻ ۾ ڪيڏا نہ لاپرواهہ آهيو.


جلد ئي اندرياس پنهنجي ڀاءُ شمعون کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آهي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪري مخصوص ڪيل“ آهي).


پوءِ هن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجي هٿ ۾ وجھي ڏس ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ وجھہ. بي‌وشواس نہ ٿيءُ پر وشواس رک.“


پوءِ انهيءَ چيلي جنهن سان يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ پرڀو آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو پرڀو آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.


تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ايشور طرفان ڪهڙي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي وشواس آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رهجو، متان اوهان مان ڪنهن جي دل بڇڙي ۽ بي‌اعتبار ٿي جيوت ايشور کان ڦري وڃي.


۽ اهي ڪير هئا جن لاءِ ايشور قسم کڻي فرمايو تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها“؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن نافرماني ڪئي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ