Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 20:2 - Hindu Sindhi Bible

2 سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي چيلي وٽ آئي، جنهن سان يسوع جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي پرڀوءَ کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ سڌ نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تنهن تي اُٿي ڊوڙي، ۽ شمعون پطرس ۽ اُنهي ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن تي يسوع جو پيار هو، ۽ چيائين، تہ خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن، ۽ خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪٿي وڃي رکيو اٿنس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ خبر نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 سو ھوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انھيءَ ٻي شاگرد وٽ آئي، جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو ۽ کين چيائين تہ ”اھي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آھن ۽ خبر نہ آھي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 20:2
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چيلن مان هڪڙو جنهن سان يسوع جو پيار هو، سو يسوع جي سيني ڏانهن جھُڪي کائي رهيو هو.


جڏهن يسوع پنهنجي ماتا ۽ انهيءَ چيلي کي جنهن سان سندس پيار هو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ هن پنهنجي ماتا کي چيو تہ ”ماتا! هي تنهنجو پٽ آهي.“


انهن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهي منهنجي پرڀوءَ کي کڻي هليا ويا آهن ۽ سڌ ئي ڪانهي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“


يسوع چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“


جيتوڻيڪ اڃا تائين چيلا پوِتر شاستر جي اها لکت نہ سمجھي سگھيا هئا تہ مسيح مئلن مان ضرور جيوت ٿي اٿندو.


پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو چيلو جنهن سان يسوع جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ چيلي رات جي رسوئي کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ”اي پرڀو! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“


هي اهو ئي چيلو آهي جيڪو انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي ۽ اهي ڳالهيون لکيون بہ اٿس ۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ سندس شاهدي سچي آهي.


پوءِ انهيءَ چيلي جنهن سان يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ پرڀو آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو پرڀو آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ