Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:2 - Hindu Sindhi Bible

2 يسوع ۽ سندس چيلا بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ يسوع کي بہ سندس شاگردن سميت انهي شاديءَ تي دعوت ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي بہ انھيءَ شاديءَ جي دعوت مليل ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:2
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هي نہ جھيڙو جھڳڙو ڪندو ۽ نہ هل هنگامو، نڪي وري چونڪن ۾ هن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


راجا جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


تنهن تي راجا جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ جي بہ مدد کان انڪار ڪيو تڏهن ڄڻ اوهان منهنجي مدد کان انڪار ڪيو.‘“


تنهن کان پوءِ يسوع، سندس ماتا، ڀائر ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا.


تڏهن سندس چيلن کي پوِتر شاستر جي اها لکت ياد آئي تہ ”اي ايشور! تنهنجي گھر لاءِ منهنجي غيرت مون کي جلائيندي.“


تنهنڪري جڏهن هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو، تڏهن سندس چيلن کي ياد آيو تہ هن ڇا چيو هو. سو هنن کي پوِتر شاستر جي لکت ۽ يسوع جي چيل انهيءَ ڳالهہ تي يقين ٿي ويو.


دعوت ۾ جڏهن مئي ختم ٿي ويئي تہ يسوع جي ماتا کيس چيو تہ ”هنن وٽ تہ مهمانن لاءِ مئي کُٽي ويئي آهي.“


ان کان پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سميت يهوديہ جي ٻئي علائقي ۾ آيو، جتي هو ساڻن گڏ رهيو ۽ ماڻهن کي بپتسما ڏيڻ لڳو.


جڏهن تہ حقيقت ۾ يسوع پاڻ ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس چيلا ڏيئي رهيا هئا.


تنهن تي سندس چيلا هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن لاءِ ڪنهن کاڌو آندو آهي؟“


جڏهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“


جڏهن سانجھي ٿي تہ سندس چيلا ڍنڍ جي ڪناري تي ويا.


اهي ڳالهيون ٻڌي سندس چيلن مان ڪيترا ئي چوڻ لڳا تہ ”هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي آهي. اها ڪير ٻڌي سگھندو؟“


تنهن تي يسوع جا گھڻا ئي چيلا کانئس ڦري موٽي هليا ويا.


تنهنڪري يسوع انهن ٻارهن چيلن کي چيو تہ ”ڇا اوهين بہ مون کي ڇڏي وڃڻ چاهيو ٿا؟“


تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو شيطان آهي.“


هو شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يهوداہ بابت ڳالهائي رهيو هو، جيڪو انهن ٻارهن چيلن مان هوندي بہ اڳتي هلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو هو.


پوءِ اندرياس نالي هڪ ٻئي چيلي، جيڪو شمعون پطرس جو ڀاءُ هو تنهن چيو تہ


تڏهن سندس ڀائرن کيس چيو تہ ”هتان نڪري يهوديہ ڏانهن وڃ، تہ جيئن تنهنجا پوئلڳ بہ هي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رهيو آهين.


جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين وشواسي منڊليءَ جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سکيا ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو وشواسي پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.


اها اڳڪٿي ٻڌي وشواسين مان هر هڪ اهو ارادو ڪيو تہ يهوديہ ۾ رهندڙ وشواسي ڀائرن ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجي مالي حيثيت آڌار ڪجھہ موڪلين.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ ايشور جي مهما خاطر ڪريو.


جيستائين پتي جيوت آهي تيستائين پتني سندس پابند آهي. پر جيڪڏهن سندس پتي مري وڃي تہ پوءِ هوءَ آزاد آهي، جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، بشرطيڪ اهو مرد پرڀو يسوع مسيح جو هجي.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ پرڀو يسوع جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي ايشور پتا جو شڪر ڪندا رهو.


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي مانائتي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ پتي پتنيءَ کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، ايشور حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فيصلو جاري ڪندو.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيهي کڙڪايان ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي وٽس ويندس ۽ اسين ٻيئي گڏجي رسوئي کائينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ