Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:18 - Hindu Sindhi Bible

18 تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ايشور طرفان ڪا نشاني ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تڏهن يهودين جواب ڏيئي چيس، تہ تون جو هي ڪم ٿو ڪرين، تنهن لاءِ اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ڪا خدائي نشاني ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 پوءِ يھودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪھڙو حق آھي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ جيڪڏھن ڪو حق اٿيئي تہ اسان کي معجزو ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع جڏهن هيڪل ۾ اچي سکيا پئي ڏني تہ سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان اهي ڪم ٿو ڪرين؟ اها اختياري تو کي ڪنهن ڏني آهي؟“


اتي ڪي فريسي يسوع وٽ آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ ساڻس بحث ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“


جيئن پوءِ تيئن يسوع جي چوگرد ماڻهن جو ميڙ وڌندو پئي ويو تڏهن هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا آهن جو اهي مون کان ايشور طرفان نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.


يوحنا جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يوحنا ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“


انهن يوحنا کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن تون نہ مسيح آهين، نڪي ايلياہ آهين ۽ نہ وري اچڻ وارو اهو سنت آهين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“


تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ايشور طرفان ڪهڙي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي وشواس آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟


انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي شڪتيءَ سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“


کين چيو تہ ”اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪيو هو تہ يسوع جي نالي تي سکيا نہ ڏيو. پر اٽلندو اوهان سڄي يروشلم ۾ پنهنجي سکيا پکيڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ