Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 2:16 - Hindu Sindhi Bible

16 ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پتا جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ اهي هتان کڻي وڃو؛ منهنجي پيءُ جي گهر کي بازار نہ بنايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اھي ھتان کڻي وڃو. منھنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 2:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.


انهن کي چيائين تہ ”ڇا پوِتر شاستر ۾ ايشور اهو نہ فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر پرارٿنا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“


پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجن ڪمن سان هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ تي هليو ويو تہ ڪو وري پنهنجي ڪاروبار کي لڳي ويو.


پوءِ يسوع ماڻهن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ ايشور اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ پرارٿنا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“


تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ”اوهان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوهان کي سڌ نہ هئي تہ آءٌ ضرور پنهنجي پتا جي گھر ۾ هوندس؟“


منهنجو پتا، جنهن مون کي اهي ڏنيون آهن سو سڀني کان وڏو آهي ۽ ڪوبہ منهنجي پتا کان اهي کسي نہ سگھندو.


اهو ڏسي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي انهن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت هيڪل جي اڱڻ مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ پئسا مَٽائڻ وارن جا پئسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين.


يسوع کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پتا وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پتا ۽ اوهان جي پتا ڏانهن، يعني پنهنجي ايشور ۽ اوهان جي ايشور ڏانهن.“


يسوع کين جواب ڏنو تہ ”منهنجو پتا هميشہ ڪم ڪندو رهي ٿو ۽ آءٌ بہ ائين ئي پيو ڪريان.“


يسوع وراڻيو تہ ”مون ۾ ڀوت ڪونهي. جڏهن تہ آءٌ جيڪو پنهنجي پتا جو مان مٿاهون ٿو ڪريان، تنهن جو اوهين اپمان ٿا ڪريو.


عقل کان بگڙيل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ سدائين اڻ‌بڻت پيدا ٿيندي ٿي رهي. اهي سچ کان محروم آهن ۽ ڌرمچاريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي ايشور سندن خلاف فيصلو جاري ڪيو هو، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ