Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:9 - Hindu Sindhi Bible

9 تڏهن هو محلات ۾ موٽي ويو ۽ يسوع کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ پر يسوع کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ وري محلات ۾ اندر ويو ۽ يسوع کي چيائين، تہ تون ڪٿان جو آهين؟ پر يسوع ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن هو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 تڏھن ھو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آھين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يسوع ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي جيوت ايشور جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، ايشور جو پٽ؟“


پوءِ اهي سپاهي يسوع کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا، جتي پنهنجن ٻين ساٿين کي هن جي چوڌاري بيهڻ لاءِ سڏيائون.


سو هو کانئس گھڻا ئي سوال پڇندو رهيو، پر يسوع کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.


ٻئي ڏينهن صبح جو يسوع کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي نيم جي رسم موجب اپوِتر نہ ٿين ۽ فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ جهڙا رهن.


تڏهن پلاطس محلات ۾ اندر موٽي ويو ۽ يسوع کي گھرايائين. هُن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“


يسوع وراڻيو تہ ”مون بابت هي سوال ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي اوهان کي چيو آهي يا اوهين پاڻ ٿا ڪريو؟“


تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون راجا آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن سنسار ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“


تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالهائڻ چاهين؟ ياد رک، مون کي اهو اختيار مليل آهي تہ تو کي آزاد ڪريان يا سوليءَ تي چاڙهيان.“


جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تہ هيڪاري اچي ڊپ ورتس.


يسوع کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي شاهدي پاڻ ٿو ڏيان، تہ بہ منهنجي شاهدي سچي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ ڪٿان آيو آهيان ۽ ڪيڏانهن وڃان ٿو. پر اوهين اها ڳالهہ نہ ٿا ڄاڻو.


آءٌ اهو بہ ٻڌان تہ اوهين پنهنجن مخالفن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ نہ ٿا ڊڄو. اوهان جي وشواس واري اهڙي هلت هنن جي لاءِ برباديءَ جي نشاني آهي، پر اوهان جي لاءِ مڪتيءَ جي. اها نشاني ايشور جي طرفان آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ