Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:38 - Hindu Sindhi Bible

38 تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح يسوع جو چيلو هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”مون کي يسوع جو لاش کڻي وڃڻ جي آگيا ڏيو.“ پلاطس کيس آگيا ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 تنهن کانپوءِ ارمتياہ وارو يوسف، جو يسوع جو شاگرد هو، پر يهودين جي ڊپ کان لڪل هو، تنهن يسوع جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ پلاطس کي عرض ڪيو، ۽ پلاطس موڪل ڏنيس. تڏهن هو آيو ۽ لاش کڻي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيو.“ پلاطس کيس اجازت ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 تنھن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يھودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد ھو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي موڪل ڏيو.“ پلاطس کيس موڪل ڏني. پوءِ ھو اتي آيو ۽ لاش کڻي ھليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:38
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي يهودي اڳواڻن يسوع تي وشواس آندو، پر فريسين جي ڪري اهي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي نہ ڏيئي ڇڏين.


پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.


سندس ماتا پتا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو يسوع کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.


پوءِ جڏهن انهن جي هٿان پوِتر شاستر ۾ هن بابت لکيل اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿيون، تڏهن انهن سندس لاش کي سوليءَ تان لاهي قبر ۾ رکي ڇڏيو.


ان کان علاوہ منهنجي قيد هجڻ ڪري گھڻن وشواسين جو پرڀو يسوع ۾ ڀروسو ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اهي وڌيڪ همت ۽ بي‌خوفيءَ سان مسيح بابت سنديش ٻڌائين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ