Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 19:20 - Hindu Sindhi Bible

20 گھڻن ئي ماڻهن اها تختي پڙهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي يسوع کي سوليءَ تي چاڙهيو هئائون، سا شهر جي ويجھو هئي ۽ لکت عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پوءِ اُهو سرنامو گهڻن يهودين پڙهيو: ڇالاءِ تہ جنهن هنڌ يسوع کي صليب تي چاڙهيو هئائون، اُها جاءِ شهر جي ويجهو هئي: ۽ اُهي حرف عبرانيءَ ۽ لاطينيءَ ۽ يونانيءَ ۾ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 گھڻن ئي ماڻهن اها تختي پڙهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي عيسيٰ کي صليب تي چاڙهيو هئائون، سا شهر جي ويجھو هئي ۽ لکت عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ڪيترن ئي يھودين اھو سرنامو پڙھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن جاءِ تي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھيو ھئائون سا جاءِ شھر جي ويجھو ھئي. اھي حرف عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ لکيل ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 19:20
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي مٿان هڪ تختي بہ لڳائي ويئي، جنهن تي لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو راجا.“


جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تڏهن هو يسوع کي ٻاهر وٺي آيو ۽ جنهن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلهو“ چوندا آهن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آهن، تنهن جاءِ تي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.


جيئن تہ اهو ڏينهن يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو تنهنڪري يسوع جي لاش کي کڻي اتي ئي رکيائون، ڇاڪاڻ تہ اها قبر ويجھي هئي.


يروشلم ۾ رڍن واري دروازي وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيت‌حسدا ڪري سڏبو آهي ۽ انهيءَ کي پنج ورانڊا آهن.


جڏهن هو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا هئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنهن تي هن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي بہ اچي ٿي ڇا؟


جڏهن ڪپتان آگيا ڏنس تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي هٿ جي اشاري سان ماڻهن کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو. جڏهن ماٺ ٿي ويئي تڏهن پولس عبراني ٻوليءَ ۾ کين چوڻ لڳو تہ


جڏهن انهن کيس عبرانيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو تہ وڌيڪ خاموش ٿي ويا ۽ پولس پنهنجو بيان جاري رکندي چيو تہ


اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ هڪ آواز ٻڌو تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنهنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پهچائين؟‘


ساڳئي نموني يسوع بہ شهر جي دروازي جي ٻاهران تڪليف سهي جان ڏني، تہ جيئن پنهنجي رت جي وسيلي پنهنجي چونڊيل ماڻهن کي مخصوص ۽ پوِتر ڪري.


پوءِ انهن اپوِتر آتمائن راجائن کي انهيءَ هنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ هرمجدون ٿا چون.


انهيءَ ماڪڙ جو راجا اوڙاهہ وارو دوت هو، جنهن جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آهي، جن جي معنيٰ آهي ”ناس ڪندڙ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ