Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:32 - Hindu Sindhi Bible

32 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ يسوع جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 سو انهي لاءِ تہ يسوع جو ڪلام ڪيو هو تہ منهنجو موت ڪهڙيءَ طرح ٿيندو، سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جھڙي نموني پنھنجي موت بابت ٻڌايو ھو سو پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:32
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اُهي کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ڪوڙا هڻندس ۽ سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيندس، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ڪري اٿاريو ويندو.“


”اوهين ڄاڻو ٿا تہ ٻن ڏينهن کان پوءِ فصح جو تهوار ايندو. ڏسو، تڏهن منش‌پتر کي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيندا.“


يسوع چين تہ ”ڏسو، هاڻي اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون، جتي منش‌پتر سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جي حوالي ڪيو ويندو. اهي سندس موت جي سزا جو فيصلو ڏيندا ۽ کيس غير قوم وارن جي حوالي ڪندا.


تنهن تي ماڻهن وري پٿر کنيا تہ جيئن کيس سنگسار ڪن.


تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ايشور جي نندا ڪرڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي ايشور سڏين ٿو.“


”آءٌ اوهان سڀني بابت نہ ٿو ڳالهايان. جن کي مون چونڊيو آهي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ پوِتر شاستر جي اها لکت پوري ٿئي تہ ’جيڪو منهنجو نمڪ کائي ٿو، سو ئي منهنجي خلاف ٿيو آهي.‘


پلاطس کين چيو تہ ”اوهين پاڻ هن کي وٺي وڃي پنهنجي نيم موجب سندس فيصلو ڪريو.“ يهودي اڳواڻن وراڻيو تہ ”اسان کي اختياري مليل نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏيون.“


هن چوڻ مان يسوع جو مطلب اهو هو تہ پطرس ڪهڙيءَ طرح سنسار مان لاڏاڻو ڪري ايشور جي جوت ظاهر ڪندو. پوءِ يسوع چيس تہ ”منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“


جيئن موسيٰ رڻ‌پٽ ۾ پتل جي نانگ کي مٿي چاڙهيو، تيئن منش‌پتر بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو،


سو يسوع کين چيو تہ ”جڏهن اوهين منش‌پتر کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي سڌ پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پتا مون کي سيکاريو آهي.


پوءِ جيئن انهن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ هن پڪاريندي چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! منهنجي آتما قبول ڪر.“


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي نيم تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو سوليءَ تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ