Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:28 - Hindu Sindhi Bible

28 ٻئي ڏينهن صبح جو يسوع کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي نيم جي رسم موجب اپوِتر نہ ٿين ۽ فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ جهڙا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 پوءِ قائفا وٽان يسوع کي محلات ۾ وٺي ويا: ۽ اڃا وڏو صبح هو ۽ هو پاڻ محلات ۾ نہ گهڙيا، انهي لاءِ تہ متان ڇپي نہ پون، پر فسح کائڻ جهڙا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 ٻئي ڏينهن صبح جو عيسيٰ کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جهڙا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 ٻئي ڏينھن صبح جو عيسيٰ کي قائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يھودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جھڙا رھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:28
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اهي سپاهي يسوع کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا، جتي پنهنجن ٻين ساٿين کي هن جي چوڌاري بيهڻ لاءِ سڏيائون.


سپاهي يسوع کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنهنجن ٻين ساٿين کي بہ سڏيائون.


جڏهن ڏينهن ٿيو تہ سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي انهن جي پئنچائت اڳيان پيش ڪيو ويو.


يهودي قوم جو فصح وارو تهوار ويجھو هو، سو ڪيترائي ماڻهو فصح جي تهوار کان اڳ ٻهراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا هئا تہ جيئن هو پاڻ کي پوِتر ڪن.


اهي پهريائين کيس يروشلم ۾ حَنا وٽ وٺي ويا، جيڪو انهيءَ سال جي وڏي سردار ڪاهن ڪائفا جو سهرو هو.


شمعون پطرس هڪڙي ٻئي چيلي سان گڏ يسوع جي پٺيان هلندو پئي ويو. جيئن تہ انهيءَ ٻئي چيلي جي وڏي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو هو يسوع سان گڏ سندس گھر اندر اڱڻ ۾ ويو.


تڏهن پلاطس محلات ۾ اندر موٽي ويو ۽ يسوع کي گھرايائين. هُن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“


هاڻ جيئن تہ اوهان جي رسم موجب هر سال فصح جي تهوار جي موقعي تي آءٌ اوهان جي خاطر هڪڙو قيدي آزاد ڪندو آهيان، سو جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ اوهان جي خاطر هن يهودين جي راجا کي آزاد ڪريان؟“


يسوع وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“


اهو فصح جي تهوار جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ منجھند جو وقت هو. پلاطس انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اوهان جو راجا.“


تڏهن هو محلات ۾ موٽي ويو ۽ يسوع کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ پر يسوع کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.


پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي ڌرم ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر ايشور مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اپوِتر يا گھٽ نہ سمجھان.


سو ڪنهن ماڻهوءَ کي يافا ڏانهن موڪلي شمعون نالي انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ جنهن کي پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.‘


”جن جو ختنو ئي ٿيل ناهي تن جي گھر ۾ تون نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“


ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جي ايشور، هائو، اسان جي وڏن جي ايشور پنهنجي داس يسوع کي مهانتا بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.


اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پوِتر داس يسوع جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ