Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 18:1 - Hindu Sindhi Bible

1 جڏهن يسوع اها پرارٿنا ڪري چڪو، تڏهن هو پنهنجي چيلن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 جڏهن يسوع اهي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن پنهنجن شاگردن سان گڏ قدرون جي نهر جي پار لنگهي ويو، جتي هڪڙو باغ هو، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس شاگرد ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن عيسيٰ اها دعا گھري چڪو، تڏهن هو پنهنجي شاگردن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 جڏھن عيسيٰ اھا دعا گھري چڪو، تڏھن پنھنجي شاگردن سان گڏ قدرون جي برساتي نھر مان لنگھي ھُن ڀر ويو. اتي ھڪڙو باغ ھو جنھن ۾ ھو پنھنجي شاگردن سميت داخل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 18:1
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هنن زبور ڳايو ۽ يروشلم کان نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن روانا ٿي ويا.


پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سان گڏجي گتسمني نالي باغ ۾ آيو. اتي پهچي هن کين چيو تہ ”اوهين هتي ويهي رهو تہ آءٌ هُتي وڃي پرارٿنا ڪريان.“


پوءِ انهن زبور ڳايو ۽ يروشلم کان نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن هليا ويا.


جڏهن اهي گتسمني نالي هڪ باغ ۾ آيا، تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”اوهين هتي ويهي رهو تہ آءٌ پرارٿنا ڪري اچان.“


اُٿو، هلي ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رهيو آهي سو ويجھو اچي پهتو آهي.“


پر اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن سنسار ڄاڻي وٺي تہ آءٌ پتا سان پيار ڪريان ٿو ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريان ٿو جنهن جو پتا مون کي حڪم ڏنو آهي. هاڻي اٿو تہ هتان هلون.“


تنهن تي وڏي سردار ڪاهن جي هڪڙي نوڪر جنهن جي مائٽ جو ڪن پطرس ڪپيو هو، تنهن چيو تہ ”ڇا مون تو کي هُن ماڻهوءَ سان گڏ باغ ۾ ڪين ڏٺو هو؟“


هن اسان وٽ اچي پولس کان ڪمربند ورتو ۽ پنهنجا هٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پوِتر آتما جو چوڻ آهي تہ جنهن ماڻهوءَ جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يروشلم ۾ يهودي هن طرح ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ