Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:25 - Hindu Sindhi Bible

25 اي سچا پتا! سنسار تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن چيلن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 اي سچا بابا، دنيا توکي نہ سڃاتو، پر مون توکي سڃاتو آهي؛ ۽ هنن پاڻ ڄاتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن شاگردن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ سڃاتو پر مون تو کي سڃاتو آھي ۽ ھنن کي اھا خبر آھي تہ تو مون کي موڪليو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:25
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پتا کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، جيوت ايشور جا پٽ.“


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پتا ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“


ڪنهن بہ ماڻهوءَ ايشور کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي پٽ، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


ماڻهو منهنجي نالي جي ڪري اوهان سان اهڙو سلوڪ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ کي نہ ٿا ڄاڻين جنهن مون کي موڪليو آهي.


ڇاڪاڻ تہ پتا تہ پاڻ اوهان سان پيار ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مون سان پيار ڪيو آهي ۽ وشواس آندو اٿوَ تہ آءٌ پتا وٽان آيو آهيان.


اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پتا کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي.


هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين وشواس آڻيون ٿا تہ اوهين ايشور وٽان آيا آهيو.“


هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ سنسار ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا سنسار ۾ رهندا. اي پوِتر پتا! تون پنهنجي پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون.


جيئن تو مون کي سنسار ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ انهن کي سنسار ۾ موڪليو آهي.


انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي پتا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن سنسار يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


يعني آءٌ انهن ۾ آهيان ۽ تون مون ۾ آهين، تہ جيئن اهي پوريءَ طرح پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃن. اهڙيءَ طرح سنسار ڄاڻي وٺي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي ۽ تون انهن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آهي.


امر جيون اهو آهي تہ اهي تو هڪ سچي ايشور کي ۽ مون يسوع مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


جيڪو سنديش تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن وشواس آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


ايشور پنهنجو پٽ سنسار ۾ انهيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ هو سنسار کي پاپي قرار ڏئي، پر انهيءَ لاءِ موڪليائين تہ هن جي ئي وسيلي سنسار کي مڪتي ملي.


جڏهن چيلا پنج ڇهہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاهي هليا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اهو ڏسي هو ڏاڍو ڊڄي ويا.


جڏهن تہ آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ وٽانئس آيو آهيان ۽ هن ئي مون کي موڪليو آهي.“


تنهن تي انهن پڇيس تہ ”تنهنجو پتا ڪٿي آهي؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”اوهين نہ مون کي سڃاڻو ٿا، نڪي منهنجي پتا کي. جيڪڏهن اوهين مون کي سڃاڻو ها تہ منهنجي پتا کي بہ سڃاڻو ها.“


تڏهن بہ اوهان هن کي ڪونہ ڄاتو آهي، پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ هن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڳالهين تي عمل ڪريان ٿو.


جيڪو مون گھمندي گھمندي اوهان جي ڀڳتيءَ وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آهي. مون ٻليدان واري هڪڙي جاءِ ڏٺي جنهن تي لکيل هو تہ ’اڻڄاتل ديوتا جي لاءِ.‘ سو اوهين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنهن جي ڀڳتي ٿا ڪريو، تنهن جي ئي آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان.


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري ايشور ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي وشواس آڻين ۽ پاپن جي معافي ملين ۽ هو ايشور جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


جهڙيءَ طرح هنن ايشور کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح ايشور بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


ڪوبہ سمجھو نہ آهي، ڪوبہ ايشور جو ڳولائو نہ آهي.


پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي ايشور اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو يسوع تي وشواس آڻي ٿو.


ايشور پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ ايشور جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي سنديش وسيلي وشواس آڻين، جيتوڻيڪ اهو سنديش سنسار جي نظر ۾ مورکتا آهي.


صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ پاپ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي ايشور جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.


اهي وشواس نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن سنسار جو ڀڳوان ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو ايشور جو روپ آهي، تنهن جي مهانتا جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري ايشور کي ٿا ڄاڻين.


پوءِ ڪنهن کي ڪڏهن بہ اها ضرورت نہ پوندي، جو پنهنجي هم‌وطن يا برادريءَ واري کي اهو چئي سيکاري تہ ’پرميشور کي ڄاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ انهن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي ڄاڻيندا هوندا.


پر جيڪڏهن اسين پنهنجا پاپ باسينداسين تہ ايشور اسان جا پاپ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پوِتر ڪرڻ وارو پنهنجو وچن پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل دوت کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پوِتر هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ