Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:17 - Hindu Sindhi Bible

17 بيشڪ تنهنجيون ڳالهيون سچيون آهن. سو سچ جي وسيلي انهن کي مخصوص ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 سچ جي وسيلي کين پاڪ ڪر، تنهنجو ڪلام سچ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 بيشڪ تنهنجيون ڳالهيون سچيون آهن. سو سچ جي وسيلي انهن کي مخصوص ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 انھن کي سچ جي وسيلي مخصوص ڪر. تنھنجو ڪلام سچ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:17
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ٻڌو! انهيءَ مثال جو مطلب هي آهي تہ ٻج آهي ايشور جي راڄ جو سنديش.


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“


سو جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن، تن جي ڪري اوهين اڳي ئي پوِتر ٿي ويا آهيو.


آءٌ پاڻ کي انهن جي خاطر انهيءَ لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، تہ جيئن اهي بہ سچ جي وسيلي تو لاءِ مخصوص ڪيا وڃن.


پوءِ اوهان کي سچ جي ڄاڻ پوندي ۽ اهو سچ اوهان کي آزاد ڪندو.“


پر مون، جنهن اوهان کي اها سچائي ٻڌائي آهي جيڪا ايشور کان ٻڌي اٿم، تنهن کي اوهين مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. ابرهام تہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو هو.


هن وشواس جي وسيلي سندن دلين کي بہ پوِتر ڪندي اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آهي.


سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي پرڀوءَ جي جوت جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس مهان روپ ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم پرميشور پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي ڪري ٿو.


اوهان تہ مسيح بابت سنديش ٻڌو آهي ۽ جيڪا سچائي هن ۾ آهي، تنهن جي سکيا هن جا هئڻ ڪري اوهان کي ڏني ويئي آهي.


هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن منڊليءَ کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان اشنان ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پوِتر بڻائي.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي پرميشور جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پوِتر آتما جي وسيلي پوِتر ٿي ۽ سچ تي وشواس آڻي مڪتي حاصل ڪريو.


تنهنڪري اپوِترتائيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي سموري گندگيءَ کي پري اڇلائي نماڻائيءَ سان انهيءَ سنديش کي قبول ڪريو، جيڪو اوهان ۾ پوکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوهان کي مڪتي ڏيئي ٿو سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ