Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:15 - Hindu Sindhi Bible

15 منهنجي پرارٿنا اها نہ آهي تہ تون کين سنسار مان کڻي وٺ، پر اها پرارٿنا آهي تہ کين شيطان کان بچاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 آئون اهو ڪونہ ٿو گهُران، تہ تون کين دنيا مان ڪڍي وٺ، پر انهي بڇڙي کان رکي وٺينِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 منهنجي دعا اها نہ آهي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اها دعا آهي تہ کين شيطان کان بچاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:15
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر قسم کڻڻ جي بدران رڳو ’ها‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آهي.“


اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


اسان جا ڏوهہ اسان کي معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي.‘“


پر مون تو لاءِ پرارٿنا ڪئي آهي تہ شل تنهنجي وشواس ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“


مسيح اسان جي پاپن جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، تہ جيئن هو ايشور اسان جي پتا جي مرضيءَ موجب اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني کان بچائي.


پر پرڀو يسوع سچو آهي، جيڪو اوهان کي مضبوط ڪندو ۽ بڇڙائيءَ کان بچائيندو.


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، پرڀو يسوع، جيڪو انصاف ڪندڙ جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


اسين ڄاڻون ٿا تہ جن کي ايشور پنهنجو ٻار بڻايو آهي، سي پاپ نہ ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ سندن سنڀال اهو ٿو ڪري جيڪو ايشور جو پٽ آهي. سو شيطان کين هٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.


هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين ايشور جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄو سنسار شيطان جي قبضي ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ