Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:11 - Hindu Sindhi Bible

11 هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ سنسار ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا سنسار ۾ رهندا. اي پوِتر پتا! تون پنهنجي پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ هن کانپوءِ آئون دنيا ۾ نہ آهيان، پر اهي دنيا ۾ آهن، ۽ آئون تو وٽ ٿو اچان. اي پاڪ بابا، پنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ اُنهن کي رکي وٺ، تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين پاڻ هڪ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا دنيا ۾ رهندا. اي پاڪ بابا! تون پنهنجي پاڪ ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ھاڻي آءٌ تو ڏانھن اچي رھيو آھيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رھندس، پر اھي اڃا دنيا ۾ رھندا. اي پاڪ بابا! انھن کي پنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان سلامت رک جيڪو تو مون کي ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اھي گڏجي ھڪ ٿي وڃن، جيئن تون ۽ آءٌ ھڪ آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:11
48 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ٿجو ۽ ڪبوترن وانگر نہ ڏکوئيندڙ ٿجو.


سو اوهين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوهان جو آڪاش وارو پتا ڪامل آهي.“


تہ پوءِ هن ريت پرارٿنا ڪريو تہ ’اي اسان جا پتا! تون جيڪو آڪاش تي آهين، شل تنهنجو نالو پوِتر مڃيو وڃي،


هاڻ جيئن تہ يسوع کي اها سڌ پئجي ويئي تہ ”منهنجي اها گھڙي اچي ويئي آهي جو آءٌ هي سنسار ڇڏي پتا ڏانهن وڃان،“ تنهن هوندي بہ جيڪي هن سنسار ۾ پنهنجا هئس تن کي هو انتم گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. فصح جي تهوار کان هڪ ڏينهن اڳ ۾


يسوع ڄاتو ٿي تہ ”پتا مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ ايشور جي طرفان آيو آهيان ۽ ايشور ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“


جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ پنهنجي پتا ۾ آهيان، اوهين مون ۾ آهيو ۽ آءٌ اوهان ۾ آهيان.


هائو، آءٌ پتا وٽان نڪري سنسار ۾ آيس ۽ هاڻي سنسار کي ڇڏي پتا ڏانهن موٽي وڃان ٿو.“


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي شانتي ملي. سنسار ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون سنسار تي سوڀ حاصل ڪئي آهي.“


يعني آءٌ انهن ۾ آهيان ۽ تون مون ۾ آهين، تہ جيئن اهي پوريءَ طرح پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃن. اهڙيءَ طرح سنسار ڄاڻي وٺي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي ۽ تون انهن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آهي.


اي سچا پتا! سنسار تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن چيلن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


سنسار مان جيڪي ماڻهو تو مون کي ڏنا آهن، تن تي مون تو کي ظاهر ڪيو آهي. اهي تنهنجا هئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا. انهن تنهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي


تنهن تي يسوع چيو تہ ”آءٌ اوهان سان اڃا ٿورو وقت رهندس ۽ پوءِ انهيءَ ڏانهن موٽي ويندس جنهن مون کي موڪليو آهي.


هو تيستائين ضرور آڪاش تي رهندو، جيستائين سڀني ڳالهين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي معرفت گھڻو اڳي چيو هو.


تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ شرير ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون.


پوِتر شاستر ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح ايشور فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي راجا انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي شڪتي ظاهر ڪريان ۽ سنسار ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي يسوع مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا ناريءَ جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


ڏسو، هڪڙو ئي شرير آهي ۽ هڪڙي ئي پوِتر آتما، جيئن اوهين بہ هڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آهيو.


تنهنڪري ئي ايشور هن کي تمام گھڻو مٿاهون ڪيو، ۽ کيس اهو نالو بخشيائين جيڪو هر نالي کان اتم آهي.


اهو پٽ ايشور جي جوت جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي شڪتيءَ واري وچن سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي پاپن کان ڌوئي پوِتر ڪرڻ بعد مٿي آڪاش تي مهان ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


اهو ئي سبب آهي جو مسيح انسان جي ٺاهيل انهيءَ پوِتر ترين جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي پوِتر ترين جاءِ جو رڳو نقل هئي. پر هو آڪاش ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن هاڻي ايشور جي شرڻ ۾ اسان جي خاطر حاضر رهي.


اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ سنسار جي دوستي ايشور سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو سنسار جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي ايشور جو دشمن ٿو بڻائي.


اوهين ايشور جي شڪتيءَ سان وشواس جي وسيلي سنڀال هيٺ آهيو، ايستائين جو اها مڪمل مڪتي حاصل ڪريو جيڪا انتم ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.


اوهين قائن وانگر نہ ٿجو، جيڪو شيطان جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قائن پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قائن جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا.


هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين ايشور جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄو سنسار شيطان جي قبضي ۾ آهي.


هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي ايشور پتا جي پيار ۽ يسوع مسيح جي سنڀال هيٺ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.


ايشور، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري شرڻ ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان ڀرپور ڪري بيهاري سگھي ٿو


اي پرڀو! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي مهانتا ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پوِتر آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سيس نوائينديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“


هن جون اکيون ڄڻ تہ باهہ جا شعلا آهن ۽ سندس مٿي تي ڪيترائي تاج آهن. هن تي هڪڙو نالو لکيل آهي، جيڪو انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.


انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ ”پوِتر، پوِتر، پوِتر، پرڀو پرميشور سروِشڪتيوان، جيڪو هو، جيڪو آهي ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ