Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 17:10 - Hindu Sindhi Bible

10 جيڪي منهنجا آهن سي سڀ تنهنجا آهن ۽ جيڪي تنهنجا آهن سي منهنجا آهن ۽ انهن جي وسيلي منهنجي جوت ظاهر ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ سڀ جيڪي منهنجو آهي سو تنهنجو آهي، ۽ تنهنجو سو منهنجو: ۽ مون کي منجهن جلال مليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيڪي منهنجا آهن سي سڀ تنهنجا آهن ۽ جيڪي تنهنجا آهن سي منهنجا آهن ۽ انهن جي وسيلي منهنجو جلوو ظاهر ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 جيڪي ڪجھہ مون وٽ آھي سو تنھنجو آھي ۽ جيڪي ڪجھہ تو وٽ آھي سو منھنجو آھي ۽ انھن جي وسيلي منھنجو جلوو ظاھر ٿيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 17:10
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ آءٌ ۽ پتا هڪ آهيون.“


يسوع اهو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اها بيماري موت واري نہ آهي، بلڪ ايشور جي مهانتا ظاهر ٿيڻ لاءِ آهي، تہ جيئن انهيءَ سان سندس پٽ جي بہ مهانتا ٿئي.“


تنهن تي يسوع چيو تہ ”اها گھڙي اچي پهتي آهي، جڏهن منش‌پتر جي جوت ظاهر ٿيندي.


اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ سڀيئي ماڻهو پٽ کي اهڙي نموني مان ڏين جهڙي نموني پتا کي مان ڏين ٿا. تنهنڪري جيڪو پٽ کي مان نہ ٿو ڏئي سو پتا کي مان نہ ٿو ڏئي، جنهن کيس موڪليو آهي.


اِفسس ۾ رهندڙ سڀني يهودين ۽ غير قوم وارن جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ کين ڊپ وٺي ويو. ائين پرڀو يسوع جي نالي جي مهانتا ٿيڻ لڳي.


سو اهي منهنجي ڪري ايشور جي مهما ڪندا هئا.


حقيقت ۾ مون کي اميد، بلڪ پورو ڀروسو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر وڏي دليريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ آءٌ پنهنجي شرير جي وسيلي مسيح جي وڏائي ظاهر ڪندو رهندس، پوءِ توڙي جيوت رهان يا مري وڃان.


سو انهن کان پاسو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي ذات جي سڄي ڀرپوري، شرير جي لحاظ کان مسيح ۾ ئي ٿي رهي


مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل، يعني مٿس وشواس رکندڙ سڀ سندس شڪتي ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس مهما ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي وشواس آندو آهي.


اسين هيءَ پرارٿنا انهيءَ لاءِ ڪندا آهيون تہ جيئن اسان جي ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڏنل ڪرپا موجب، اسان جي پرڀو يسوع جو نالو اوهان ۾ مهان ڄاتو وڃي ۽ اوهين هن ۾ مان ماڻيو.


پر اوهين هڪڙي چونڊيل پيڙهي، ايشور جي ڪاهنن واري منڊلي، مخصوص قوم ۽ ايشور جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ ايشور جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ