Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:30 - Hindu Sindhi Bible

30 هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين وشواس آڻيون ٿا تہ اوهين ايشور وٽان آيا آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، ۽ ضرور ئي ڪونہ اٿيئي تہ ڪو توکان پڇي، انهيءَ مان اسان کي ايمان آيو آهي تہ تون خدا وٽان آيو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين ايمان آڻيون ٿا تہ اوهين خدا وٽان آيا آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھان کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ ضروري نہ آھي تہ اوھان کان ڪو سوال جواب ڪيو وڃي. انھيءَ سبب جو اسان ايمان آندو آھي تہ اوھين خدا وٽان آيا آھيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:30
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سندس چيلن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي جو هو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟ هو هيئن بہ چوي ٿو تہ ’اهو انهيءَ ڪري جو آءٌ پتا ڏانهن وڃي رهيو آهيان.‘


انهيءَ ڏينهن اوهين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا، پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نالي تي پتا کان گھرندا تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو اوهان کي سڀ ڪجھہ ڏيندو.


انهيءَ ڏينهن اوهين منهنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوهان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوهان لاءِ پتا کي ڪو سوال ڪندس تہ هو اوهان جي ٻڌي،


تنهن تي يسوع کين وراڻيو تہ ”ڇا اوهين هاڻي وشواس آڻيو ٿا؟


جيڪو سنديش تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن وشواس آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


هي يسوع جو پهريون چمتڪار هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي مهانتا ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس چيلن مٿس وشواس آندو.


وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! اوهان کي سڀني ڳالهين جي سڌ آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ يسوع چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پتا پٽ سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اهي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي هو پاڻ ڪري ٿو. هو انهن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو جو اوهين سڀيئي حيران ٿي ويندا.


يسوع انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ايشور اوهان جو پتا هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ايشور وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي.


ڪابہ رچيل شيءِ ايشور کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ