Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:19 - Hindu Sindhi Bible

19 يسوع ڄاڻي ورتو تہ سندس چيلا کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 يسوع سهي ڪيو تہ هنن جي مرضي آهي تہ مون کان پڇن، تنهنڪري چيائين، تہ اوهين هن بابت ٿا پاڻ ۾ پڇو، جو مون چيو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 عيسيٰ ڄاڻي ورتو تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 عيسيٰ ڄاتو پئي تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا، سو کين چيائين تہ ”ڇا اوھين ھڪٻئي کان اھو پڇي رھيا آھيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:19
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو انهن وانگر نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو پتا اوهان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڇا گھرجي.


يسوع سمجھي ويو تہ هو ڇا سوچي رهيا آهن، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون خراب ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟


پر اهي يسوع جي انهيءَ ڳالهہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.


اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ اوهان سان گھڻو وقت نہ رهندس. اوهين مون کي ڳوليندا، پر جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي اچي نہ سگھندا. آءٌ اوهان کي اهو ئي ٻڌايان ٿو، جيڪو مون يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو هو.


ٿوري وقت کان پوءِ سنسار مون کي وري نہ ڏسندو، پر اوهين مون کي ڏسندا. جيئن تہ آءٌ جيوت آهيان تنهنڪري اوهين بہ جيوت هوندا.


يسوع وڌيڪ چيو تہ ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا.“


انهيءَ ’ٿوريءَ دير‘ جو مطلب ڇا آهي؟ اسان کي تہ سندس ڳالهين جي سڌ نہ ٿي پوي.“


انهيءَ ڏينهن اوهين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا، پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نالي تي پتا کان گھرندا تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو اوهان کي سڀ ڪجھہ ڏيندو.


انهيءَ ڏينهن اوهين منهنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوهان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوهان لاءِ پتا کي ڪو سوال ڪندس تہ هو اوهان جي ٻڌي،


هاڻي اسين سمجھون ٿا تہ اوهان کان ڪو سوال پڇڻ جي بہ ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي. انهيءَ سبب اسين وشواس آڻيون ٿا تہ اوهين ايشور وٽان آيا آهيو.“


وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! اوهان کي سڀني ڳالهين جي سڌ آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ يسوع چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.


يسوع ڄاڻي ورتو تہ سندس چيلا هن ڳالهہ تي ڀڻ ڀڻ ڪندي اعتراض ڪري رهيا آهن. تنهنڪري انهن کي چيائين تہ ”هيءَ ڳالهہ اوهان کي ڀَٽڪائي ٿي ڇا؟


تنهن تي يسوع چيو تہ ”آءٌ اوهان سان اڃا ٿورو وقت رهندس ۽ پوءِ انهيءَ ڏانهن موٽي ويندس جنهن مون کي موڪليو آهي.


ڪابہ رچيل شيءِ ايشور کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


هائو، آءٌ انهيءَ ناريءَ جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي وشواسي منڊليون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ