Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:16 - Hindu Sindhi Bible

16 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا؛ ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:16
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ پرڀو يسوع آڪاش ڏانهن کڄي ويو ۽ ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


يسوع کين چيو تہ ”اڃا ٿوري دير تائين روشني اوهان وٽ آهي ۽ جيستائين روشني اوهان وٽ آهي اوهين اڳتي هلندا رهو. ائين نہ ٿئي جو اونداهي اچي اوهان تي ڪڙڪي ۽ پوءِ اونداهيءَ ۾ هلندي اوهان کي سڌ ئي نہ پوي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو.


يسوع ڄاتو ٿي تہ ”پتا مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ ايشور جي طرفان آيو آهيان ۽ ايشور ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“


اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ اوهان سان گھڻو وقت نہ رهندس. اوهين مون کي ڳوليندا، پر جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي اچي نہ سگھندا. آءٌ اوهان کي اهو ئي ٻڌايان ٿو، جيڪو مون يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو هو.


سچائيءَ جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو آءٌ پتا ڏانهن وڃي رهيو آهيان ۽ هاڻي کان اوهين مون کي نہ ڏسندا،


اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.


هائو، آءٌ پتا وٽان نڪري سنسار ۾ آيس ۽ هاڻي سنسار کي ڇڏي پتا ڏانهن موٽي وڃان ٿو.“


پر جيئن تہ هاڻي آءٌ انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهيان جنهن مون کي موڪليو آهي، تڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو. پر اوهان مان ڪوبہ مون کان اهو نہ ٿو پڇي تہ ’اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟‘


هاڻي آءٌ تو وٽ اچي رهيو آهيان. پر جيستائين آءٌ سنسار ۾ آهيان تيستائين اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ٻڌايان ٿو تہ جيئن منهنجي پوري خوشي انهن کي حاصل ٿئي.


هاڻي اي پتا! تون پنهنجي شرڻ ۾ مون کي انهيءَ جوت ۾ شريڪ ڪر، جيڪا سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ هئي.


تنهن تي يسوع چيو تہ ”آءٌ اوهان سان اڃا ٿورو وقت رهندس ۽ پوءِ انهيءَ ڏانهن موٽي ويندس جنهن مون کي موڪليو آهي.


هن پنهنجي موت کان پوءِ انهن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ هو جيوت آهي. هن چاليهن ڏينهن تائين انهن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن ايشور جي راڄ بابت ڳالهايائين.


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين يسوع تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي وشواس جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري سوليءَ جي تڪليف سٺي ۽ ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ