Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 16:15 - Hindu Sindhi Bible

15 جيڪي ڪجھہ منهنجي پتا جو آهي سو منهنجو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ پوِتر آتما منهنجيون ڳالهيون اوهان کي کولي ٻڌائيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 سڀ شيون جيڪي منهنجي پيءُ جون آهن سي منهنجون آهن: تنهنڪري مون چيو، تہ منهنجيون ڳالهيون وٺي اوهان کي کولي ٻُڌائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جيڪي ڪجھہ منهنجي پيءُ جو آهي سو منهنجو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ پاڪ روح منهنجيون ڳالهيون اوهان کي کولي ٻڌائيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 جيڪي ڪجھہ منھنجي پيءُ جو آھي سو منھنجو آھي. اھو ئي سبب آھي جو مون اوھان کي چيو تہ پاڪ روح منھنجون ڳالھيون اوھان کي کولي ٻڌائيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 16:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پتا کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


يسوع چيلن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پتا ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“


يسوع ڄاتو ٿي تہ ”پتا مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ ايشور جي طرفان آيو آهيان ۽ ايشور ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“


جنهن کي منهنجي حڪمن جي ڄاڻ آهي ۽ انهن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنهن سان منهنجو پتا پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انهيءَ سان پيار ڪندس ۽ پنهنجو پاڻ کي مٿس ظاهر ڪندس.“


جيڪي منهنجا آهن سي سڀ تنهنجا آهن ۽ جيڪي تنهنجا آهن سي منهنجا آهن ۽ انهن جي وسيلي منهنجي جوت ظاهر ٿي آهي.


تو ئي کيس سڀني انسانن تي اختيار ڏنو آهي تہ جيئن هو هر انهيءَ کي امر جيون بخشي جيڪو تو کيس ڏنو آهي.


پتا پٽ سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.


اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري آهي جو ايشور کي اهو وڻيو تہ سندس سڄي ڀرپوري انهيءَ ۾ ئي رهي.


جنهن ۾ ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا سڀ خزانا لڪل آهن.


سو انهن کان پاسو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي ذات جي سڄي ڀرپوري، شرير جي لحاظ کان مسيح ۾ ئي ٿي رهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ