Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 15:22 - Hindu Sindhi Bible

22 جيڪڏهن آءٌ نہ اچان ها ۽ کين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايان ها تہ انهن کي پاپي قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي کين پنهنجن پاپن لاءِ ڪوبہ بهانو نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 جيڪڏهن آئون نہ اچان ها، ۽ ساڻن ڳالهيون نہ ڪريان ها، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي انهن کي پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڪو عذر ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جيڪڏهن آءٌ نہ اچان ها ۽ کين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايان ها تہ انهن کي گنهگار قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي کين پنهنجن گناهن لاءِ ڪوبہ بهانو نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 جيڪڏھن آءٌ نہ اچان ھا ۽ کين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايان ھا تہ اھي ڏوھاري نہ ٿين ھا. پر ھاڻي کين پنھنجن ڏوھن لاءِ ڪوبہ بھانو نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 15:22
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ انهيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انهيءَ ئي ڏينهن اچي پهچندو جنهن جو هن کي خواب خيال بہ نہ هوندو ۽ اهڙي وقت ايندو جنهن جي هن کي سڌ ئي نہ هوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ بي‌وفائن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس.


جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي پاپي قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو سنديش، جيڪو انتم ڏينهن هن کي پاپي قرار ڏيندو.


جيڪو مون کان نفرت ڪري ٿو، سو منهنجي پتا کان بہ نفرت ڪري ٿو.


جيڪي ڪم ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، سي جيڪڏهن آءٌ انهن ۾ نہ ڪريان ها تہ پوءِ انهن کي پاپي قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي تہ انهن منهنجا ڪم ڏٺا آهن، تنهن هوندي بہ مون کان ۽ منهنجي پتا کان نفرت ڪن ٿا.


پاپ جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو ماڻهو مون تي وشواس نہ ٿا آڻين،


يسوع وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“


يسوع کين چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين انڌا هجو ها تہ اوهان جو ڪو ڏوهہ نہ هجي ها. پر هاڻي تہ اوهين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوهان جو ڏوهہ ثابت آهي.“


ايشور جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن،


هائو، ايشور جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس امر شڪتي ۽ ذات سنسار جي شروعات کان وٺي سندس رچيل شين مان چٽيءَ طرح ظاهر پيون ڏسجن. تنهنڪري اهڙن ماڻهن کي ڪوبہ بهانو نہ آهي.


هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين.


مطلب تہ جيڪو ماڻهو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو تہ اهو سندس پاپ ليکيو ويندو.


اوهين آزاد تہ آهيو، پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بهانو نہ بڻايو، بلڪ ايشور جي داسن وانگر جيون گذاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ