Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 15:11 - Hindu Sindhi Bible

11 مون اهي ڳالهيون انهيءَ ڪري اوهان کي ٻڌايون آهن تہ جيئن اوهان کي پوري خوشي حاصل ٿئي جهڙي مون کي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اهي ڳالهيون مون اوهان سان انهي لاءِ ڪيون آهن، تہ منهنجي خوشي اوهان ۾ هجي، ۽ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 مون اهي ڳالهيون انهيءَ ڪري اوهان کي ٻڌايون آهن تہ جيئن اوهان کي پوري خوشي حاصل ٿئي جهڙي مون کي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 مون اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري اوھان کي ٻڌايون آھن تہ جيئن منھنجي خوشي اوھان ۾ ھجي ۽ اوھان جي خوشي پوري ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 15:11
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙو ٿلهو متارو جانور آڻي ڪهو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملهايون،


پر اسان کي تہ انهيءَ لاءِ شادمانو ۽ خوشي ملهائڻي آهي جو تنهنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو هو سو هاڻي جيوت ٿيو آهي، جيڪو وڃائجي ويو هو سو هاڻي لڌو آهي.‘“


پوءِ جڏهن اها لڀيس ٿي تہ ايڏو خوش ٿو ٿئي جو انهيءَ کي ڪلهن تي ٿو کڻي.


جڏهن لڀيس ٿو تہ پنهنجي ساهيڙين ۽ پاڙي وارين کي سڏي گڏ ڪري چوندي تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجو وڃايل سڪو لڌو آهي.‘


هن وقت تائين اوهان منهنجي نالي تي کانئس ڪجھہ بہ نہ گھريو آهي. سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوهان جي خوشي پوري ٿئي.“


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي شانتي ملي. سنسار ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون سنسار تي سوڀ حاصل ڪئي آهي.“


هاڻي آءٌ تو وٽ اچي رهيو آهيان. پر جيستائين آءٌ سنسار ۾ آهيان تيستائين اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ٻڌايان ٿو تہ جيئن منهنجي پوري خوشي انهن کي حاصل ٿئي.


گھوٽ اهو آهي جنهن جي ڪنوار آهي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي ٿو، سو انهيءَ تي ئي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انهيءَ گھوٽ جو دوست آهيان ۽ هاڻي منهنجي خوشي پوري ٿي آهي.


هاڻ جڏهن تہ اوهين وشواس تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ ايشور اوهان کي خوشيءَ ۽ شانتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي.


مطلب تہ وشواس جي معاملي ۾ اسين اوهان تي حڪم هلائڻ نہ ٿا چاهيون، پر اوهان جي خوشيءَ ۾ اوهان جا مددگار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي وشواس تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو.


مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بي‌احتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت دل سان پرڀوءَ جي مهما ۾ ڳائيندي وڄائيندي پوِتر آتما سان ڀرپور ٿيندا وڃو.


انهيءَ ڳالهہ جي پڪ هئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيوت رهي ڪري اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوهان جي وشواس ۾ واڌارو ٿئي ۽ ان ۾ اوهين خوش رهو.


جيتوڻيڪ اوهان يسوع کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس وشواس آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ مهانتا سان ڀرپور آهي،


هي ڳالهيون اسين انهيءَ لاءِ لکي رهيا آهيون تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.


مون کي ڪيتريون ئي ڳالهيون اوهان کي ٻڌائڻيون آهن، جيڪي مس ۽ ڪاغذ جي وسيلي نہ ٿو ڪرڻ چاهيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوهان سان ملي ڳالهيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ