Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 15:1 - Hindu Sindhi Bible

1 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ حقيقي ول آهيان ۽ منهنجو پتا باغائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ڊاک جي سچي ول آئون آهيان، ۽ منهنجو پيءُ باغبان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ حقيقي ول آهيان ۽ منهنجو پيءُ باغائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ ڊاک جي سچي ول آھيان ۽ منھنجو پيءُ باغائي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 15:1
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منهنجي آڪاش واري پتا نہ پوکيو آهي سو ضرور پاڙان پٽيو ويندو.


يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪو باغ جو مالڪ صبح جو سوير انهيءَ لاءِ ٻاهر نڪتو تہ پنهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزدور بيهاري.


يسوع پئنچائت جي انهن چڱن مڙسن کي وڌيڪ چيو تہ ”هڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ هڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


پوءِ يسوع پئنچائت جي انهن چڱن مڙسن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ انگورن جو هڪ باغ لڳايو. انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ هڪڙو ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


يسوع ماڻهن کي هي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ کي انگورن جو باغ هو جنهن ۾ انجير جو وڻ پوکيل هو. هڪ ڏينهن هو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر هن هڪ بہ نہ لڌو.


ايشور جو نيم موسيٰ جي معرفت مليو، جڏهن تہ ڪرپا ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت ملي.


اها حقيقي روشني جيڪا هر هڪ انسان تي چمڪندي آهي سا پاڻ سنسار ۾ اچڻ واري هئي.


مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنهن کي هو وڍي اڇلائي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنهن کي هو ڇانگي ٿو تہ جيئن اها وڌيڪ ميوو ڏئي.


يسوع کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهو موسيٰ نہ، پر منهنجو پتا آهي جنهن آڪاش واري روٽي اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، بلڪ هو هاڻي آڪاش مان حقيقي روٽي ڏئي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ منهنجو ماس ۽ منهنجو رت حقيقي کاڌو آهي.


سو هاڻي انهيءَ پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڳيون ويون آهن ۽ اوهين غير قوم وارا جيڪي هڪ جھنگلي زيتون جي ٽاريءَ مثل آهيو، سي انهن ڀڳل ٽارين جي جاءِ تي پيوند ڪيا ويا آهيو ۽ انهيءَ پوکيل زيتون جي مخصوص پاڙ ۾ شامل ٿي ان جي سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا.


مطلب تہ اسين ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، جڏهن تہ اوهين ايشور جي پوک آهيو. اوهين ايشور جي عمارت پڻ آهيو.


تڏهن بہ جيڪو حڪم آءٌ اوهان ڏانهن لکي رهيو آهيان، سو نئون آهي جو انهيءَ جي سچائي مسيح جي ۽ اوهان جي جيون مان ڏسڻ ۾ ٿي اچي، ڇاڪاڻ تہ اونداهي ختم ٿي رهي آهي ۽ حقيقي روشنيءَ جي چمڪ وڌي رهي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ