يوحنا 14:26 - Hindu Sindhi Bible26 پر پوءِ هڪ مددگار يعني پوِتر آتما، جيڪا پتا منهنجي نالي سان موڪليندو، سا اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندي، بلڪ اهي ڳالهيون بہ ياد ڏياريندي، جيڪي مون اوهان کي چيون آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible26 پر مددگار يعني پاڪ روح، جنهن کي پيءُ منهنجي نالي موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، ۽ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، سي سڀ اوهان کي ياد ڏياريندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible26 پر پوءِ هڪ مددگار يعني پاڪ روح، جيڪو پيءُ منهنجي نالي سان موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، بلڪ اهي ڳالهيون بہ ياد ڏياريندو، جيڪي مون اوهان کي چيون آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament26 پر مددگار يعني پاڪ روح، جنھن کي پيءُ منھنجي نالي موڪليندو، سو اوھان کي سڀ ڳالھيون سيکاريندو ۽ اوھان کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندو رھندو، جيڪي مون اوھان کي چيون آھن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهن سنتن تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن سنديش ڏيندڙن جي معرفت ملي، جن آڪاش مان موڪليل پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو دوت بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.
پر اوهان کي مسيح پوِتر آتما سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پوِتر آتما اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿي. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پوِتر آتما اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.