يوحنا 14:17 - Hindu Sindhi Bible17 اهو مددگار سچ جي آتما آهي جنهن کي سنسار حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهو نہ کيس ڏسي ٿو، نہ وري ڄاڻي ٿو. پر اوهين کيس ڄاڻو ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان سان گڏ رهي ٿو ۽ اوهان ۾ رهندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 يعني سچ جو روح: جنهن کي دنيا حاصل ڪري نٿي سگهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ نہ هن کي ڏسي ٿي، نہ سڃاڻي ٿي: اوهين هن کي سڃاڻو ٿا، ڇالاءِ جو هو اوهان سان رهي ٿو، ۽ اوهان ۾ هوندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible17 اهو مددگار سچ جو روح آهي جنهن کي دنيا حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ کيس ڏسي ٿي، نہ وري ڄاڻي ٿي. پر اوهين کيس ڄاڻو ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان سان گڏ رهي ٿو ۽ اوهان ۾ رهندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament17 يعني سچ جو پاڪ روح. دنيا ھن کي حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻتہ دنيا کيس نہ ڏسي ٿي ۽ نہ وري سڃاڻي ٿي. پر اوھين کيس سڃاڻو ٿا، ڇاڪاڻتہ ھو اوھان سان رھي ٿو ۽ اوھان ۾ ھوندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر اوهان کي مسيح پوِتر آتما سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پوِتر آتما اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿي. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پوِتر آتما اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.