Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 14:13 - Hindu Sindhi Bible

13 تنهنڪري اوهين منهنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو آءٌ ڏيندس، تہ جيئن پتا جي جوت پٽ جي معرفت ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ جيڪي اوهين منهنجي نالي گهُرندا، سو آئون ڪندس تہ پٽ ۾ پيءُ کي جلال ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تنهنڪري اوهين منهنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو آءٌ ڏيندس، تہ جيئن پيءُ جو جلوو پٽ جي معرفت ظاهر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 اوھين منھنجي نالي تي جيڪي ⁠بہ گھرندا سو آءٌ ڪندس تہ جيئن پيءُ جو جلوو پٽ جي معرفت ظاھر ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 14:13
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوري وشواس سان اوهين جيڪي بہ پرارٿنا ۾ گھرندا سو سڀ اوهان کي ملي ويندو.“


”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ،


تنهنڪري آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪا شيءِ اوهين پرارٿنا ۾ گھرو ٿا تنهن لاءِ يقين ڪريو تہ اها اوهان کي ملي ويئي آهي. تڏهن ئي اها اوهان کي ملندي.


انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ،


جڏهن تہ آءٌ ۽ پتا هڪ آهيون.“


پوءِ يسوع وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو سو نہ رڳو مون تي، بلڪ انهيءَ تي بہ وشواس رکي ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.


يهوداہ جي وڃڻ کان پوءِ يسوع چيو تہ ”هاڻي منش‌پتر جي جوت ظاهر ٿيڻ واري آهي ۽ هن مان ايشور جي جوت ظاهر ٿيندي.


هائو، اوهين منهنجي نالي تي مون کان جيڪي بہ چاهيندا سو آءٌ ڪندس.“


يسوع کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ جيون آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پتا تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پتا کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو.


انهيءَ ڏينهن اوهين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا، پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نالي تي پتا کان گھرندا تہ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو اوهان کي سڀ ڪجھہ ڏيندو.


انهيءَ ڏينهن اوهين منهنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوهان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوهان لاءِ پتا کي ڪو سوال ڪندس تہ هو اوهان جي ٻڌي،


پر آءٌ اوهان کي حقيقت ٿو ٻڌايان تہ منهنجو هتان هليو وڃڻ ئي اوهان لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن آءٌ نہ ويندس تہ اهو مددگار اوهان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏهن آءٌ ويندس تہ پوءِ هن کي اوهان ڏانهن ضرور موڪليندس.


يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي بخشش جي سڌ هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي جيون جو پاڻي ڏئي ها.“


پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان جيون جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس امر جيون ڏيندو.“


تنهنڪري يسوع يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پتا کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پتا ڪري ٿو سو ئي پٽ ٿو ڪري.


پوءِ تنبن واري تهوار جو انتم ڏينهن، جيڪو خاص ڏينهن آهي، تنهن ڏينهن تي يسوع اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آهي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.


تنهنڪري اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ کي اها پرارٿنا ڪرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ هو چوي ٿو تنهن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.


ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳيءَ ئي پوِتر آتما ملڻ سان پتا تائين پهچ حاصل ٿي آهي.


هاڻي مسيح تي وشواس رکڻ سان اسين مسيح ۾ شامل ٿيا آهيون، جنهن ڪري دليريءَ ۽ ڀروسي سان ايشور جي شرڻ ۾ حاضر ٿيون ٿا.


انهيءَ سبب آءٌ آڪاش توڙي ڌرتيءَ تي هر هڪ خاندان کي سڃاڻپ بخشيندڙ آڪاشي پتا جي آڏو سيس نوائيندي


مطلب تہ پرڀو يسوع جيڪو مون کي شڪتي بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ پرڀو يسوع جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي ايشور پتا جو شڪر ڪندا رهو.


تنهنڪري اچو تہ اسين يسوع جي وسيلي ايشور آڏو سدائين سندس مهما جو ٻليدان ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل ڀيٽا ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.


اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ پاپي نہ رهيو.


انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي ايشور ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل مڪتي ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي سفارش لاءِ هو هميشہ جيوت آهي.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو ايشور کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


اوهين بہ جيوت پٿرن وانگر اڏجي ايشور جو آتمڪ گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پوِتر ڪاهنن جي مخصوص منڊليءَ جا رڪن بڻجي اهڙا آتمڪ ٻليدان پيش ٿا ڪريو، جيڪي يسوع مسيح جي وسيلي ايشور وٽ قبول پون ٿا.


هاڻ جيڪو ڪجھہ اسين ايشور کان گھرون ٿا، سو اسان کي وٽانئس ملي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون ٿا ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريون ٿا، جيڪي کيس پسند آهي.


اسان کي ايشور جي شرڻ ۾ پورو پورو اعتماد آهي تہ جڏهن بہ اسين سندس مرضيءَ موجب ڪجھہ گھرون تہ هو اسان جي ٻڌندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ