Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 13:2 - Hindu Sindhi Bible

2 يسوع ۽ سندس چيلا رات جي رسوئي کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو يسوع سان دغا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ شيطان اڳيئي شمعون جي پٽ يهوداهہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ وڌو هو تہ هن کي وڃي جهلائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ ابليس اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو عيسيٰ سان دغا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رھيا ھئا. انھيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يھوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اھا ڳالھہ وجھي ڇڏي ھئي تہ ھو عيسيٰ سان دغا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 13:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شمعون قوم‌پرست ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن بعد ۾ دغا ڪري يسوع کي پڪڙايو.


تڏهن ٻارهن چيلن مان يهوداہ نالي هڪڙي چيلي، جنهن کي اسڪريوتي بہ چوندا هئا، تنهن جي دل ۾ اچي شيطان سمايو.


”شمعون! اي شمعون! ڏس، شيطان اوهان کي آزمائڻ جي آگيا ورتي آهي، تہ جيئن اوهان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاهہ وانگر ڳاهي، اَنَ ۽ بُهہ وانگر جدا جدا ڪري.


ان جو سبب اهو هو جو يسوع کي اڳي ئي سڌ هئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنهنڪري هن چيو تہ ”اوهين سڀيئي پوِتر نہ آهيو.“


اهو سڀ ڄاڻيندي يسوع رسوئيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجو جبو لاهي ٽوال چيلهہ سان ٻڌائين.


تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پوِتر آتما سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


ايشور جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي،


اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي شريري خواهشن موجب جيون گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي تن ۽ من جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر ايشور جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.


انهيءَ لاءِ جو ايشور انهن جي دلين ۾ اها ڳالهہ وجھي ڇڏي آهي تہ اهي ڏهہ راجا سندس مقصد پورو ڪن ۽ هڪ راءِ ٿي انهيءَ وقت تائين راڄ‌ڀاڳ ڪرڻ جو پنهنجو اختيار انهيءَ حيوان جي حوالي ڪن، جيستائين ايشور جون ڳالهيون پوريون ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ