Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:37 - Hindu Sindhi Bible

37 جيتوڻيڪ يسوع ماڻهن جي اڳيان هيترا چمتڪار ڪيا هئا تہ بہ گھڻن ئي مٿس وشواس نہ آندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 پر جيتوڻيڪ سندن اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئائين، تہ بہ اُنهن مٿس ايمان نہ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 جيتوڻيڪ عيسيٰ ماڻهن جي اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئا تہ بہ گھڻن ئي مٿس ايمان نہ آندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 جيتوڻيڪ عيسيٰ يھودين جي اڳيان ھيترا معجزا ڪيا ھئا تہ بہ انھن مٿس ايمان نہ آندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:37
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن شهرن ۾ يسوع تمام گھڻا چمتڪار ڏيکاريا هئا ۽ ان جي باوجود بہ اتي جي ماڻهن پنهنجن پاپن کان توبهہ نہ ڪئي هئي، تن کي ننديندي هن چيو تہ


ابرهام چيس تہ ’جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ ٻين سنتن جي لکتن کي نہ ٿا مڃين، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيوت ٿي وڃين تہ انهيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“


هو پنهنجن وٽ آيو، پر پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون هميشہ منهنجي ٻڌندو آهين. پر هي ماڻهو جيڪي هتي بيٺا آهن، تن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ پرارٿنا ٿو ڪريان تہ جيئن اهي يقين ڪن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.“


سو جيڪا گھڙي روشني اوهان وٽ آهي اوهين روشنيءَ تي وشواس آڻيو، تہ جيئن اوهين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ يسوع هليو ويو ۽ انهن کي منهن نہ ڏيکاريائين.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪو سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي لکت ۾ آهي سو پورو ٿئي تہ ”اي پرميشور! اسان جي سنديش تي ڪنهن وشواس ڪيو؟ ۽ ڪنهن تنهنجي ٻانهن جو زور سڃاتو؟“


جيڪي ڪم ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، سي جيڪڏهن آءٌ انهن ۾ نہ ڪريان ها تہ پوءِ انهن کي پاپي قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي تہ انهن منهنجا ڪم ڏٺا آهن، تنهن هوندي بہ مون کان ۽ منهنجي پتا کان نفرت ڪن ٿا.


هي يسوع جو پهريون چمتڪار هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي مهانتا ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس چيلن مٿس وشواس آندو.


تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي چمتڪار ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ