Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:34 - Hindu Sindhi Bible

34 تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پوِتر شاستر جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيوت رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ منش‌پتر ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو منش‌پتر ڪير آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 تنهن تي ماڻهن جواب ڏنس، تہ اسان شريعت ۾ ٻُڌو آهي تہ مسيح هميشہ تائين جيئرو رهندو: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابن آدم ڪير آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيئرو رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابنِ آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابنِ آدم ڪير آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 تنھن تي ميڙ چيو تہ ”اسان جي شريعت ٻڌائي ٿي تہ مسيح ھميشہ جيئرو رھندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن⁠آدم ضرور مٿي چاڙھيو ويندو؟ اھو ابن⁠آدم ڪير آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:34
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع قيصريہ فلپي شهر واري علائقي ۾ پهتو تڏهن پنهنجي چيلن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منش‌پتر بابت ڇا ٿا چون تہ هو ڪير آهي؟“


جڏهن يسوع يروشلم ۾ داخل ٿيو تہ سڄي شهر ۾ هلچل مچي ويئي ۽ ماڻهو پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي؟“


يسوع کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر منش‌پتر کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


يسوع چين تہ ”ڇا اوهان جي پوِتر شاستر ۾ اهو لکيل نہ آهي تہ ’آءٌ ايشور چوان ٿو تہ اوهين منهنجا پٽ آهيو‘؟


جڏهن آءٌ ڌرتيءَ کان مٿي چاڙهيو ويس تہ سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندس.“


پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘


سو يسوع کين چيو تہ ”جڏهن اوهين منش‌پتر کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي سڌ پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پتا مون کي سيکاريو آهي.


پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جي نيم ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي انهيءَ نيم جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي سنسار سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات ايشور آڏو پاپي قرار ڏني وڃي.


جهڙيءَ طرح هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري سڀني ماڻهن لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو جاري ٿيو، تهڙيءَ طرح هڪڙي جي سچائيءَ واري ڪم جي وسيلي سڀني ماڻهن کي ايشور ڏانهن سچار بڻجي جيون حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.


پر يسوع جي ڪاهني ابناسي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو هميشہ تائين جيوت رهڻ وارو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ