Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:29 - Hindu Sindhi Bible

29 تڏهن جيڪي ماڻهو اتي بيٺا ٻڌي رهيا هئا، تن مان ڪن چيو تہ ”آڪاش مان گجگوڙ ٿيو“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنهن دوت ساڻس ڳالهايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 تڏهن خلق جا اُتي بيٺي هئي، سا هي ٻُڌي چوڻ لڳي تہ اُڀ گجيو: پر ٻيا چوڻ لڳا تہ ملائڪ ساڻس ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 تڏهن جيڪي ماڻهو اتي بيٺا ٻڌي رهيا هئا، تن مان ڪن چيو تہ ”آسمان مان گجگوڙ ٿيو“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 تڏھن جيڪي ماڻھو اتي بيٺا ھئا، تن مان ڪن اھو ٻڌي چيو تہ ”اُڀ گجيو،“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنھن ملائڪ ساڻس ڳالھايو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:29
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي ماڻهو سائول سان گڏ وڃي رهيا هئا، سي وائڙا ٿي بيهي رهيا، ڇاڪاڻ تہ انهن آواز تہ ٻڌو پر کين ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو.


پوءِ ايشور جي هيڪل جيڪا آڪاش ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس ٻڌل وچن واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


ان وقت مون آڪاش ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو. اهو آواز اهڙو بہ هو جو ڄڻ تہ ستارَ وارن ستارَ پئي وڄايا.


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن گھيٽڙي انهن ستن مُهرن مان هڪ کي ٽوڙيو، تڏهن انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“


پوءِ دوت اهو خوشبودان کڻي انهيءَ کي ٻليدان واري جاءِ جي باهہ سان ڀري ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو. تنهن تي گجگوڙون، وڏا آواز ۽ کِنوڻين جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زلزلو آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ