Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 12:20 - Hindu Sindhi Bible

20 جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ تهوار تي ڀڳتي ڪرڻ لاءِ آيا هئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 هاڻي جيڪي عيد تي عبادت لاءِ ويا هئا، تن مان ڪي يوناني هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا هئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 جيڪي ماڻھو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا ھئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 12:20
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها ناري غير يهودي هئي ۽ شام ملڪ جي فينيڪي علائقي مان هئي. هن يسوع کي منٿ ڪئي تہ ”منهنجي ڌيءَ مان ڀوت ڪڍو.“


فصح جي تهوار کان ڇهہ ڏينهن اڳ يسوع بيت‌عنياہ ڳوٺ ويو جتي لعزر رهندو هو، جنهن کي يسوع مئلن مان جيوت ڪيو هو.


تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”افسوس! اسين ناڪام ٿي پيا آهيون. ڏسو، سڄو سنسار سندس پٺيان لڳي پيو آهي.“


تڏهن يهودي اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هو ڪيڏانهن ويندو جو اسين کيس لهي نہ سگھنداسين؟ ڇا هو غير يهودين جي ڪنهن ملڪ ڏانهن ويندو، جتي اسان جا يهودي ٽڙيل پکڙيل آهن ۽ اتي هو غير يهودين کي سکيا ڏيندو؟


ساڳيءَ طرح اڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويا ۽ اهڙي نموني تقرير ڪيائون جو گھڻن ئي يهودين ۽ غير قوم وارن يسوع تي وشواس آندو.


پولس پهريائين دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانهن ويو. اتي تيمٿيس نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جيڪو يسوع مسيح تي وشواس رکندڙ هو. سندس ماتا يهودڻ هئي ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندو هئائين، جڏهن تہ سندس پتا يوناني هو.


انهن مان ڪن يهودين، ايشور ڀڳت يونانين جي هڪ وڏي تعداد ۽ ڪيترين ئي مکيہ نارين بہ اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا.


يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪري ايشور ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي پرڀو يسوع تي وشواس آڻين.


انهن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. هي اهو ماڻهو آهي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻهن کي اسان جي قوم، موسيٰ جي نيم ۽ هن هيڪل جي خلاف سکيا ڏئي ٿو. هاڻي وري هن ڪن غير قوم وارن کي هن پوِتر هيڪل ۾ آڻي ان کي اپوِتر ڪيو آهي.“


سو فلپس اٿي روانو ٿيو تہ رستي ۾ کيس حبش جو هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو خواجہ‌سرا هو. هي ماڻهو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير هو ۽ يروشلم ۾ ايشور جي ڀڳتي ڪرڻ لاءِ ويو هو.


آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي مڪتيءَ لاءِ ايشور جي شڪتي آهي، جيڪو مسيح تي وشواس آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي.


مطلب تہ يهودين توڙي غير قوم وارن ۾ ڪوبہ فرق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي سڀني جو پرڀو آهي ۽ جيڪو بہ کيس ٻاڏائي ٿو تنهن کي جھجھي انداز ۾ ڏئي ٿو،


سو نہ رڳو هنن مڃيو، پر منهنجو يوناني ساٿي طيطس توڙي جو ختنو ٿيل نہ هو، تڏهن بہ مٿس ختنو ڪرائڻ لاءِ ڪو زور ڪونہ ڀريائون.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي يسوع مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا ناريءَ جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو ختنو ڪيل آهي نہ وري ختنو نہ ڪيل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ