Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:54 - Hindu Sindhi Bible

54 تنهنڪري يسوع انهيءَ ڏينهن کان پوءِ يهوديہ ۾ کُليو کُلايو گھمڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ هو اتان رڻ‌پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانهن هليو ويو ۽ افرائيم نالي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي چيلن سان گڏ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

54 تنهنڪري يسوع انهيءَ کانپوءِ يهودين منجهہ کُليو کُلايو ڪين گهُمندو هو، پر اُتان رڻ پٽ جي ڀر واري ملڪ ۾، افرائيم نالي شهر ڏانهن هليو ويو؛ ۽ اتي شاگردن سان گڏ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

54 تنهنڪري عيسيٰ انهيءَ ڏينهن کان پوءِ يهوديہ ۾ کُليو کُلايو گھمڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ هو اتان رڻ‌پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانهن هليو ويو ۽ افرائيم نالي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي شاگردن سان گڏ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

54 تنھنڪري عيسيٰ انھيءَ ڏينھن کان پوءِ يھودين ۾ کليو کلايو نہ گھمندو ھو. پر ھو اتان رڻ⁠پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانھن ھليو ويو ۽ افرائيم نالي ھڪ ڳوٺ ۾ پنھنجي شاگردن سان گڏ رھڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:54
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع موٽي وري اردن درياءَ جي هُن ڀر انهيءَ جاءِ تي ويو، جتي اڳي يوحنا بپتسما ڏيندو هو. هو اتي رهي پيو.


يسوع وراڻيس تہ ”مون سنسار سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.


ان کان پوءِ يسوع گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا.


ان کان پوءِ يسوع جا ڀائر تهوار تي يروشلم ويا. هو پاڻ بہ تهوار تي ويو پر کُليو کُلايو نہ، بلڪ لڪي ڇپي.


پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.


ڏس، اهڙو ڪوبہ نہ آهي جيڪو مشهور ٿيڻ چاهي پر لڪي ڪم ڪري. سو جيڪڏهن تو کي اهي ڪم ڪرڻا ئي آهن تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي سنسار تي کُليءَ طرح ظاهر ڪر.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ