Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:53 - Hindu Sindhi Bible

53 انهيءَ ڏينهن کان وٺي يهودي اڳواڻ يسوع کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

53 پوءِ انهي ڏينهن کان وٺي هنن کيس قتل ڪرڻ جي صلاح مشورت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

53 انهيءَ ڏينهن کان وٺي يهودي اڳواڻ عيسيٰ کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

53 انھيءَ ڏينھن کان وٺي يھودي اڳواڻ عيسيٰ کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:53
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن يسوع کي ختم ڪجي.


انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي چيلن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريو وڃان.“


هن جي جواب ۾ ڪو ئي هڪڙو لفظ بہ چئي نہ سگھيو، نڪي وري انهيءَ ڏينهن کان وٺي ڪنهن کي بہ کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي همت ٿي.


هنن يسوع کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي،


سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄيءَ پئنچائت ڪوشش پئي ڪئي تہ يسوع جي خلاف ڪا ڪوڙي شاهدي هٿ ڪن، تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين.


فصح ۽ بي‌خميري روٽيءَ جو تهوار ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻو هو. سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح يسوع کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين.


تنهن تي فريسي ٻاهر نڪري وڃي هڪدم هيروديس جي حمايت ڪندڙ ماڻهن سان مليا ۽ يسوع جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ کيس ڪيئن ختم ڪجي.


تنهن تي فريسي ۽ سردار ڪاهن پئنچائت گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين هاڻي ڇا ڪريون؟ هي ماڻهو تہ گھڻا ئي چمتڪار پيو ڪري.


تنهنڪري سردار ڪاهن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سِٽڻ لڳا،


ان کان پوءِ يسوع گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا.


جڏهن پئنچائت جي ماڻهن اهو ٻڌو تہ اهي ايترا تہ ڪاوڙيا جو سنتن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا.


گھڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ يهودين گڏجي سازش سِٽي تہ سائول کي قتل ڪجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ